ناري افروز جوڻيجو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو باڊهه ۾ ٽائر ساڙي احتجاج

باڊھه (ن ع آ)چار ڏينهن اڳ باڊهه ڀرسان ڳوٺ دڙا ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل مسمات افروز جوڻيجو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران دڙا ڦاٽڪ بند ڪري ٽائرن ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب باڊهه – لاڙڪاڻو روٽ تي  ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتولا جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي امتياز علي جوڻيجو چيو ته چار ڏينهن اڳ جوابدارن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي منهنجي ڀيڻ افروز کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ويا، جڏهن ته واقعي جو باڊهه ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي، پر هن وقت تائين باڊهه پوليس ڪَک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. هن وقت به جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪي اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري کين ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿينداسين. ٻئي طرف ايس ايڇ او باڊهه شاهد صادق ميمڻ پوليس اٽالي سان ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.