حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪمرانن ٽن سالن ۾ به ڪا بهتري نه آندي آهي. پي  ٽي آئي جي دور ۾ ملڪ ريورس گيئر ۾ هليو ويو آهي،چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته  نااهل حڪمرانن جي ڪري سمورو نظام ناڪاره ۽ مفلوج بڻجي ويو آهي،عدالتن ۾ انصاف نه آهي ، معيشت تباهي جي ور تعليم صحت سميت هر شيءِ جو ستيا ناس ٿي ويو آهي. پي ٽي آئي جي دور ۾ مهانگائي ، بيروزگاري ۽ ڪرپشن ۾ بيشمار واڌارو ٿي ويو آهي. حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. صحافين سان گڏ آهيون ميڊيا ڊيولپيمنٽ اٿارٽي کي رد ڪريون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.