ام رباب ڪيس: سردار ۽ برهان چانڊيو جوابدار قرار، ڪيس هلائڻ جو حڪم

 

دادو (ويب ڊيسڪ) ام رباب جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

دادو جي عدالت اُم رباب جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيي ۽ برهان چانڊيي کي جوابدار قرار ڏيندي چانڊيا سردارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

فيصلي دوران اُم رباب ۽ جوابدار عدالت ۾ موجود هئا، جڏهن ته پنهنجي حق ۾ فيصلو اچڻ تي اُم رباب چانڊيو عدالت ٻاهران شڪراني طور سجدو به ڏنو.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ڪيس هلايو وڃي.

فيصلي جي ٻڌائڻ وقت سيڪيورٽي جا سخت انتظام هئا ۽ 200 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، جن ماڻهن کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.

واضح رهي ته 17 جنوري 2018 ۾ ام رباب جي پيءَ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪيو ويو هو.

فيصلي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته عدالتي فيصلو سنڌ جي اجتماعي شعور جي فتح آهي، اسان کي انصاف جي مڪمل اميد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.