ماهرن صحت لاءِ تِرن جو استعمال وڏو فائديمند ٻڌائي ڇڏيو

 

گهرن ۾ اڇي ۽ ڪاري ترن جو استعمال رڳو مٺي عذائن ۽ خاص ڪري کاڌن ۾ ئي استعمال ڪيا ڪيو ويندو آهي، ترن جي فائدن کان اڻڄاڻي جي ڪري ئي انهن جو استعمال گهٽ ڪيو ويندو آهي.

تِر عذا ۽ تيل سان ڀريل ڀرپور خوراڪ آهن، ننڍي ننڍي اڇي ۽ ڪاري ٻچن تي مشتمل تِر قديم زماني کان استعمال ڪيا ويندا آهن جڏهن ته انهن جا اثر گرم ۽ عذا گوشت جي برابر قرار ڏني ويندي آهي ۽ ترن کي دوا جو درجو به مليل آهي.

کاڌي جي ماهرن موجب انهن ننڍن ننڍن ٻجن ۾ قدرت ڀرپور صحت جو خزانو لڪائي رکيو آهي، انهن جو استعمال خاص طور تي عورتن لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي، تِرن ۾ ڪيترائي وٽامنز، منرلز، قدرتي تيل ۽ ٻيون شيون جهڙوڪ ڪيلشيم، آئرن، ميگنيشم، فاسفورس، ميگنيز، ڪاپر، زنڪ، فائبر، ٿيامن، وٽامن بي 6، فوليٽ ۽ پروٽوٽينن هوندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته تِرن جي استعمال جي نتيجي ۾ ماڻهو شگر، بلڊ پريشر، ڪينسر، هڏن جي ڪمزوري، چمڙي کي ٿيندڙ نقصان، دل جون بيماريون ۽ وات جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنت شيون انساني جسم مان صحت لاءِ نقصانڪار مادن کي به ڪڍي ڇڏين ٿيون.

صحت جي ماهرن موجب ڪيلشيم جي کوٽ جو شڪار ماڻهن لاءِ تِرن جو استعمال نهايت ئي فائديمند ثابت ٿيندو آهي، تِرن ۾ ڪيلشيم ۽ آئرن وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي جيڪا رت جي کوٽ به پورو ڪندي آهي.

ان کانسواءِ ڪارا تِر هلڪي گرم پاڻي ۾ پُسائي رکيو، پوءِ انهن کي پيسي ڇاڻي وٺو، هاڻي انهن ۾ کير ملائي پيئو انهن جي اهڙي استعمال سان ٿوري ئي ڏينهن ۾ توهان ۾ رت جي کوٽ ختم ٿي ويندي.

تِرن ۾ فائديمند تيل هجڻ جي ڪري ان جي استعمال سان کڙين، هٿن ۽ چپن جي ڦاٽڻ کان به بچي سگهجي ٿو.

غذا جي ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٿلهو ٿيڻ جي خواهشمند ماڻهن کي گهرجي ته تِرن کي بادام ۽ خَس خَس سان گڏ ملائي کائين ۽ انکانپوءِ کير پي ڇڏين ته انهن جي اها خواهش جلد پوري ٿي ويندي.

نه رڳو ايترو پر تِرن جي استعمال سان نَنهن ۽ وارن جي صحت به بهتر ٿيندي آهي، تِرن جو تمام گهڻو فائديمند آهي جنهن ۾ وٽامن بي ۽ اِي، مگينيشم، ڪيلشيم ۽ فاسفورس موجود هوندو آهي جيڪو وارن ۽ مٿي جي چمڙي جي لاءِ وڏو فائديمند آهي.

تِرن جي تيل جو ٿورو مقدار کڻي مٿي تي مالش ڪيو ۽ پوءِ انکي اڌ ڪلاڪ تائين ڇڏي ڏيو، انکانپوءِ هلڪي گرم پاڻي ۽ شيمپو سان وارن کي صاف ڪري ڇڏيو جنهن سان توهان جا وار گهاٽا، ڪارا، وڏا ۽ مضبوط ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.