ماهرن آفيس ۾ ڪم ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو!

آفيسن جي گدلي ۽ غير معياري هوا سان اتي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي دماغي صلاحيت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن ۽ سندن دماغي ۽ ذهني صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي.

ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ  پي ايم 2.5 جو غير معمولي وڌندڙ مقدار ذهانت ۽ دماغي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿو ۽ ان جو اثر آفيس جي ڪارڪردگي تي به پوي ٿو. تحقيق جي روشني ۾ چيو ويو آهي ته آفيس جي اندرين هوا جو معيار بهتر بڻائڻ گھڻو ضروري آهي ته جيئن تازي هوا جي اچ وڃ جاري رهي.

عوامي صحت بابت هارورڊ جي ٽي ايڇ چين اسڪول پهريون ڀيرو آفيسن ۽ ادارن جي هوا جي ڪيفيتن وچ ۾ لاڳاپا دريافت ڪيا آهن. ان وڏي مطالعي ۾ ڪيترن ئي ملڪن حصو ورتو آهي. آفيسن ۾ هوا جي اچ وڃ ۽ هاڃيڪار ذرڙن وچ ۾ واسطي جو انڪشاف ٿيو آهي ته اهي ڪارڪنن جي دماغي صلاحيت کي متاثر ڪري رهيا آهن جنهن جي تصديق ڪيترن ئي مختلف ٽيسٽ مان به ٿي آهي.

ان کان اڳ جيڪا به تحقيق ٿي آهي ان ۾ ٻاهر جي هوائي گدلاڻ ۽ دماغي صلاحيت تي ان جي اثرن تي غور ڪيو ويو آهي پر بند ڪمرن ۾ هوا تي ڪنهن به غور ناهي ڪيو. ان تحقيق ۾ 300 ڄڻن کي شامل ڪري هڪ سال تائين تحقيق ڪئي وئي ۽ دنيا جي ڇهن ملڪن ۾ 40 عمارتن جو ڊيٽا ورتو ويو.

هر آفيس ۾ مختلف قسمن جا سينسر لڳايا ويا جيڪي پي ايم 2.5، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، پاري ۽ گِهم وغيره کي نوٽ ڪندا رهيا. جيئن ئي آفيس ۾ پي ايم 2.5 نالي ذرڙن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح هڪ خاص پيماني کان مٿي پهتي ته سمارٽ فون تي هڪ پيغام پهتو جنهن ۾ دماغي صلاحيت واري هڪ ننڍي گيم يا ٽِيسٽ پوري ڪرڻ جو چيو ويو.

عام طور تي جيئن جيئن آفيس ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پي ايم 2.5 جو مقدار وڌيو گھڻن ماڻهن ٽيسٽ ۾ پنهنجو رد عمل ڏيڻ ۾ دير ڪئي، انهن ۾ لفظن جي سڃاڻپ جي هڪ ٽيسٽ هئي جنهن ۾ رنگن سبب لفظن کي سڃاڻڻ لاءِ غور گھربل هو. اها ٽيسٽ ان وقت خراب آئي جڏهن آفيس جي ماحول ۾ ٻن آلودگين جو عروج هو.

تحقيق جي سربراهه هوزي گيولر موسيڊانو چيو ته پي ايم 2.5 ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح وڌڻ کان ترت بعد (ڪوگنيشن) صلاحيت ۾ هڪدم تيزي سان گھٽتائي اچي وئي، تنهنڪري آفيس ۾ هوا جو لاڳيتو وهڪرو ضروري آهي.

هوا جو وهڪرو نه هجڻ سان عام صحت ۽ دماغ ٻنهي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي.

سائنسدانن جو چوڻ هو ته ڪوڊڊ وبا کي نظر ۾ رکندي به گھرن ۽ آفيسن ۾ تازي هوا جي اچ وڃ ضروري آهي. جيڪڏهن ادارا پنهنجي ملازمن جي صلاحيت وڌائڻ چاهين ٿا ته کين ڇت جي هيٺان هوا جو معيار بهتر بڻائڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.