ڪراچي ۾ ڪيش وين مان چوري جا 12 جوابدار گرفتار، 3 ڪروڙ هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ سال چوري جي سڀ کان وڏي واردات جا 12 جوابدار گرفتار ڪري 3 ڪروڙ 8 لک رپيا هٿ ڪيا ويا، جڏهن  ته 22 لکن جو سون پڻ برآمد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان ڦر ڪيل ڪيش وين سائٽ واري علائقي مان ملي وئي آهي. ايس ايس پي سٽي سرفراز نواز ميڊيا کي ٻڌايو ته واردات جي مک جوابدار وين ڊرائيور حسين شاهه جي والد نياز بادشاهه کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کان 19 لک 5 هزار رپيابرآمد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار جي ڀيڻ فضيلا کان 20 لکن جو سون ۽ چاچي گل حسن کان 15 لک 56 هزار رپيا برآمد ڪيا ويا، هن وقت تائين جوابدارن کان 3 ڪروڙ 8 لک رپيا برآمد ڪيا آهن. جوابدارن ڪيش وين جي چوري ڪيل رقم مان سون به خريد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.