وزيرن جو اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪائڻ جو رويو دهشتگرداڻو آهي: مخالف ڌر

لاهور (م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف سينيٽ ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزامن تي  ردعمل ۾ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو آئيڊيا رد ٿيڻ تي حڪومت ڌمڪين تي لهي پئي آهي.پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان دليل نه ڌمڪيون آهن، ثابت ٿي ويو ته حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اٿندڙ فني ۽ ٽيڪنيڪي سوالن جو ڪو جواب ناهي، اليڪشن ڪميشن جي اٿاريل ٽيڪنيڪي ۽ قانوني اعتراضن ۽ شفافيت جي مسئلن جي نشاندهي تي حڪومت جو جواب نه ڏئي سگهي.هن چيو ته اڳ ۾ پارليامينٽ ۾ قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ اڄ حڪومتي رويي تي اليڪشن ڪميشن نمائندن کي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو، وزيرن جا ادارن کي باهه ڏيڻ ۽ انهن کي جهنم ۾ وجهڻ جا بيان رياسٽ دشمن رويو آهن، اهو رويو دهشتگرداڻو ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي، هوڏانهن پ پ اعظم سواتي جي الزامن جي مذمت ڪندي حڪومت کان معافي وٺڻ جومطالبو ڪيو آهي، پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته حڪومت جو هڪ آئيني اداري اليڪشن ڪميشن تي پئسا وٺڻ جو الزام شرمناڪ آهي، موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر اي سي پي جي ساک بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هوڏانهن ليگي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان چيو ته اعظم خان سواتي صدر عارف علوي جي سامهون اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي ڌمڪيون ڏنيون، صدر علوي اليڪشن ڪميشن ميمبرن بدران اي سي پي ميمبرن کان پڇيو ته استعيفيٰ ڪڏهن ڏيندو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.