ٽنڊو جان محمد پوليس ونگاري، لڄالٽ نشانو بڻيل ناري جو خاندان لڏي ويو، سول سوسائٽي جو ڌرڻو

ڊگھڙي (رپورٽ: ڀاون شاهه ) ٽنڊو جان محمد پوليس جوابدارن جي ونگاري، لڄالٽ ڪيس جي جوابدار کي ضمانت بعد ٿاڻي گهرائي فوٽو سيشن، لڄالٽ جو نشانو بڻيل آسيا جو خاندان ٽنڊو جان محمد شھر مان لڏي ويو،  ڊگهڙي جي سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اخلاق احمد آرائين، مير يونس ٽالپر، پريم راٺوڙ، عامش رضا آرائين، ارباب نوحاڻي، علي حسن قائمخاني، نصير رمداڻ، علي سنگهيڙا، ڊاڪٽر ظھير قائمخاني، پرويز نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي، ڪيس جي فريادي ۽ آسيا جي ڀاءُ قاري محمد ارشد ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ٽنڊوجان محمد پوليس ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسانکي ٿاڻي جا چڪر لڳائي پئي، گذريل ڏينهن منهنجي پيرسن والد کي ٿاڻي تي گهرائي پنهنجي مرضي جو زبردستي بيان ڏيارائي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪرائي اسانجي تذليل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايل 2 جوابدار اڃا تائين سرعام آزاد گهمي رهيا آهن. ٽنڊوجان محمد پوليس اسان کان موبائل جي تيل ۽ ڪيس جي خرچي ۾ هزارين رپيا ڦري چڪي آهي،اسانکي انصاف نه ملڻ ڪري مجبور ٿي اسان ٽنڊوجان محمد شھر مان لڏي وڃون پيا، هوڏانهن ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٽنڊوجان محمد وچ شھر مان معصوم نياڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ بعد پئسن عيوض وڪرو ڪيو ويو، انهي سموري ظلم تي ايس ايڇ او ٽنڊوجان محمد قادربخش بهراڻي خاموش تماشائي بڻيل رهيو، هڪ جوابدار شاهد جٽ اسان پڪڙي پوليس حوالي، ڪيو ايس ايڇ او ٽنڊوجان محمد جوابدار ڌر سان ملي ڀڳت ڪري مظلوم نياڻي ۽ سندس والد تي دٻاءُ وجهي پنهنجي مرضي جو بيان ڏياريو ، ٻئي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي ته هڪ جوابدار کي ضمانت ٿيڻ بعد ايس ايڇ او ٿاڻي تي گهرائي سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ڪيون . جوابدار گرفتار ناهي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.