جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري نه ٿيڻ تي عورتن جي تنظيمن ۾ مايوسي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن اعليٰ عدليه ۾ عورتن جي گهٽ نمائندگي تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو آهي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورت جي جج عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري نه ٿيڻ تي به مايوسي ظاهر ڪئي آهي، عورتن جي حقن جي تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طورتي عورتن جي هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا وڌائي ٻئي پاسي بلوچستان بار ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ آندو پيو وڃي ۽ سينيارٽي جي اصول کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، وومين ايڪشن فورم جي مهناز رحمان ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته عورتون تاريخي طور تي ان شعبي کان پري رهيون آهن، ان حوالي سان مک سببن مان هڪ وڏو پدرشاهي نظام آهي، اعليٰ عدليه ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ ٿي وئي آهي، فرزانا باري چيو ته وڪالت اهڙو پيشو آهي جتي روايتي طور تي مردن جو غلبو رهيو آهي، هاڻي سول سروسز ۾ به عورتن جو وڏو انگ اچي رهيو آهي، عدليه ۾ ڪوٽا مقرر ڪري انگ وڌايو وڃي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سربراهه لطيف آفريدي ايڊووڪيٽ چيو ته وڪيل برادري ڪنهن به جج جي مقرري جي مخالفت صنفي بنيادن تي نٿي ڪري، بلڪه ان جو مطالبو ميرٽ ۽ سينيارٽي آهي، هن چيو ته عائشه ملڪ جي مقرري جي مخالفت صنفي بنيادن تي ناهي ڪئي وئي، ان ڳالهه کان واقف آهيون ته عدليه ۾ عورتن جي نمائندگي مناسب ناهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 مان وڌائي 27 ڪرڻ گهرجي ۽ ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 عورت جج ضرور هجن،

عورت بنياد تي جسٽس عائشه ملڪ جي مخالفت ناهي ڪئي: اختر حسين

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر اختر حسين بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته وڪيل تنظيمن جو موقف آهي ته جيڪڏهن  ضلعي عدالتن مان ڪنهن جج کي هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻو آهي ته ان ۾ سينيارٽي کي به نظر ۾ رکيو وڃي، هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ به ججن جي سينيارٽي کي نظر ۾ رکيو وڃي،هن چيو ته ذميوارن پاران اعليٰ عدليه ۾ ” پڪ اينڊ چوز“ جي پاليسي کي اختيار ڪرڻ آزاد عدليه جي تصوير جي نفي ڪري ٿو، هن چيو ته جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ به چيو ويو ته ماضي ۾ به جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان بار ڪائونسل ان عمل جي مخالفت ڪئي، هن ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته جسٽس عائشه ملڪ جي عورت هئڻ جي بنياد تي سندس سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري جي مخالفت ڪئي وئي، .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.