ووٽ جي عزت ڪندڙ بوزدار ۽ خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ آڻين: بلاول

رحيم يارخان(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن جي پارٽي هاڻي دوستن تي نه جيالن تي ڀروسو ڪندي، اسان لانگ مارچ  جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه دوستن چيو ته لانگ مارچ استعيفيٰ کان بغير نٿو ٿي سگهي،رحيم يارخان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ووٽ جي عزت ڪندڙ  عثمان بوزدار ۽ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻين، هن چيو ته دوست استعيفيٰ ڏين، جيڪڏهن توهان ڪٺ پتلي کي نٿا ڀڄائڻ چاهيو ته پوءِ استعيفيٰ ئي ڏيو، ٻه موقف نٿا ٿي سگهن، وچ وارو رستو عوام کي قبول ناهي، موجوده وزيراعظم ملڪ جي هر شهري کي تڪليف پهچائي آهي، هن چيو ته اسان جي دور ۾ سڄي دنيا ۾ معاشي بحران هو پر پ پ مهانگائي دوران عوام کي لاوارث نه ڇڏيو، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل مطابق عمران خان جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي رهي آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.