حضرت امام حسين جي چاليهي تي ماتمي جلوس کي تاريخي اجتماع بڻائڻ جوفيصلو

فروغ عزاداري شھدادپور جي چيئرمين فھد خان وساڻ ۽ شھدادپور جي حسيني اڳواڻن پاران مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ شھر جي 22 کان وڌيڪ پڙن ۽ درگاھن جي منتظمين ، متولين ۽ سجادہ نشينن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ حضرت امام حسين ع ۽  ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي ماتمي جلوس کي اجتمائي شڪل ڏئي وحدت حسيني  جو مظاھرو ڪرڻ ۽ تمام ماتمي جلوس گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏھن تہ شھر ۾ وڌندڙ منشيات فروشي جي خدشن سبب درگاھن لا بھتر حڪمت عملي پڻ جوڙي وئي ۽ درگاھن کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاء منتظمين ، متولين ۽ سجادہ نشينن آڏو ھدايتون رکيون ويون. ان موقعي تي چيئرمين فروغ عزاداري شھدادپور رئيس فھد خان وساڻ خطاب ڪندي چيو تہ اسين حسيني محب وطن ۽ امن جا داعي آھيون ان ڪري اسان ملڪ ۾ يزيد جي حامين ۽ ان جي فڪر کي پکيڙيندڙ جا  ارادا مٽي ۾ ملائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.