طالبان جون احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائيون وڌي رهيون آهن: گڏيل قومون

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري افغانستان ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف طالبان جي پرتشدد ردعمل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

انساني حقن جي عالمي اداري موجب افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ پرامن احتجاج خلاف طالبان جو پرتشدد ردعمل تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.

عالمي اداري چيو آهي ته طالبان حڪومت احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي، ڪوڙن ۽ گولين جو استعمال ڪيو، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا.

جنيوا ۾ انساني حقن جي اداري جي ترجمان روينا شمداساني چيو ته طالبان مخالف احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي گهر گهر ڳوليو پيو وڃي، هڪ صحافي کي پوليس جي حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان جي سسي لاهڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.