ڄامشورو: قومي عوامي تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف مظاهرو

ڄامشورو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ ڌاريا آبادڪاري, زمينن جي والار, پاڻيء جي هٿرادو کوٽ ۽ وفاقي ادارن مان سنڌي ملازمن جي نيڪالي خلاف  مرڪزي اڳواڻ شبير ساند, مقصود جهتيال, ستار لوهر, مختيار چانڊيو ۽ مشتاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چونڪ گل مهراڻ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن تان گشت ڪندي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب وٽ پهتي جتي اڳواڻن  سخت احتجاج ڪندي چيو ته هڪ وڏي سازش تحت سنڌ کي مختلف مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي, ملڪ جي ٻي ڪنهن به صوبي ۾ ڌاريا آبادڪار ناهي اها ويڌن صرف سنڌ سان ڪئي وئي آهي, ارسا پاران سنڌ جي پاڻيء تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن, بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جهڙن ميگا منصوبن تحت سنڌ جي سون ورن زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ سان ماٽيلي ماءۡ وارو سلوڪ ڪندي وفاقي ادارن مان سنڌي ملازمن کي نيڪالي ڏني وئي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.