ڪنڌڪوٽ واسي 2 نوجوانن کي شڪارپور پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف مظاهرو

جسقم ۽ جساف پاران ڪنڌڪوٽ واسي نوجوانن امداد ملڪ ۽ اياز چولياڻي کي شڪارپور ضلعي جي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن والي ڏنو سبزوئي،حفيظ سنڌي،بشام ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي جي پوليس پاران شاگرد امداد ملڪ ۽ اياز چولياڻي کي ڪوڙي مقابلي ۾ بي دردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي،  هنن چيو ته شڪارپور ضلعي پوليس جي اهڙي ظلم تي سنڌ حڪومت سميت ڪنهن به وس واري اداري اڃان سوڌو نوٽيس ناهي ورتو، هنن چيو ته مقتولن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.