سينيٽ ڪميٽي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، اوورسيز پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ، اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن سميت اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيل مختلف حڪومتي ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو.

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين تاج حيدر جي صدارت هيٺ ٿيو.

اليڪشن ايڪٽ ترميمن کي غور هيٺ آڻڻ کان اڳ چيئرمين ڪميٽي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شامل ڪيل ميمبر سينيٽر ثمينا ممتاز جي حق ۾ رولنگ ڏني پر هوءَ اجلاس ۾ شريڪ نه هئي.

سينيٽر وليد اقبال چيو ته ثمينا ممتاز جي طبيعت خراب آهي، کيس آن لائين ووٽنگ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ان تي سينيٽر تاج حيدر چيو ته ماضي ۾ ڪميٽي آن لائين ووٽنگ جي اجازت نه ڏني هئي، هاڻ به نٿا ڏئي سگھون، ان سان غلط روايت قائم ٿيندي.

سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سينيٽر ثمينا ممتاز پارليامينٽ لاجز ۾ نه ڪراچي ۾ آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته انهن بلن تي اتفاقِ راءِ ممڪن نه آهي، بلز کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ئي وڃڻو آهي.

ڪميٽي چيئرمين سينيٽر تاج حيدر بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته وفاقي وزير  اعظم سواتي چيو ته هنن جي ميمبر کي ووٽ وجهڻ جو حق نه پيو ڏنو وڃي، هو اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪن ٿا.

اعظم سواتي سان گڏ سڀني 6 حڪومتي سينيٽر ۽ وزير اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

ان دوران سينيٽر تاج حيدر جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بلن تي ووٽنگ ڪئي.

ڪميٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال، اوورسيز پاڪستانين کي آءِ ووٽنگ جو حق ڏيڻ، اليڪشن ڪميشن بدران چونڊ فهرستون نادرا مان ٺهرائڻ جي حڪومتي ترميمون رد ڪري ڇڏيون.

ڪميٽي سينيٽ چونڊون ڳجهون رکڻ بدران اوپن راءِ شماري ذريعي ڪرائڻ بابت ترميم کي به رد ڪري ڇڏيو.

ٻي پاسي 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻندڙ ميمبرن جي سيٽ ختم ڪرڻ بابت سيڪشن ۾ ترميم رد ناهي ڪئي وئي پر اها ترميم ايندڙ چونڊن کان بعد لاڳو ٿيندي.

واضح رهي ته انهيءَ اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي چڙهائي ڪئي ۽ الزام لڳايو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جي مذاق اڏائي رهي آهي انهن پئسا ورتا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.