سکر ۾ بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي تعلقي نيو سکر جي ڳوٺ جمال خان لاشاري جي رهواسي شاهد علي ولد دلدار علي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن هو عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو ته نيو پنڊ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن عطا محمد، شاهنواز ۽ ٻين جيڪي ڪار ۾ سوار هئا مون کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائيندي زمين تي قبضي خلاف داخل پٽيشن واپس وٺڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويا، متاثر شخص اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.