ماڪڙ 2 لک ايڪڙ فصل کي نقصان ڏنو: جان محمد مري

ٽنڊوڄام (پ ر) ماڪڙ سنڌ ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل فصل کي نقصان ڏنو، ڪيترن باغن، ڀاڄين ۽ فصلن کي ڏنل نقصان سان هاري ۽ آبادگارن کي مالي نقصان رسيو، جديد طريقن سان ماڪڙ مان جان ڇڏائڻ جي ضرورت آهي، اها ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر جان محمد مري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ماڪڙ جي هاڃن کان بچاءِ واري هڪ ڏهاڙي واري تربيتي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي  فصلن جي بچاءَ واري شعبي پلانٽ پروٽيڪشن جي ميزباني هيٺ سماجي تنظيم سنڌ رورل سپورٽ آرگنائزيشن جي سهڪار سان ماڪڙ جي هاڃن کان بچاءِ بابت هڪ ڏهاڙي وارو تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪيو ويو، تربيتي ورڪشاپ جي مختصر افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر جان محمد مري چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملن سبب اٽڪل ٻن لکن کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل فصل، باغن، ميون ۽ ڀاڄين کي نقصان ڏنو، جڏهن ته فصلن تي مستقبل ۾ ماڪڙ جي حملن جو خدشو موجود آهن، هن چيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ روائتي طريقا اپنائڻ بجاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، دنيا اندر فصلن مٿان جيتن پکين ۽ ٻين بيمارين جي حملن کي ٽيڪنالاجي وسيلي ختم ڪري وڌيڪ اپت حاصل ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ماڪڙ جي خاتمي ۽ فصلن جي بچاءِ ۽ آبادگارن جي وقتائتي آگاهي لاءِ سيمينار ۽ تربيتي پروگرام منقعد ڪيا آهن ۽ اڄوڪي تربيتي ورڪشاپ سان سکيا حاصل ڪندڙ کي ماڪڙ بابت وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي ته جيئن هو پنهنجن علائقن ۾ آبادگارن جي ماڪڙ جي حملن کي روڪڻ بابت رهنمائي ڪري سگهن، ان موقعي تي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (ايس آر ايس او) جي عبدالجبار ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي تنظيم جا نوجوان سنڌ جي پوئتي پيل ضلعن ۾ مختلف آفتن ۽ مصيبتن جي وقتن ۾ اتان جي مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندا رهيا آهن، هن وقت ماڪڙ سنڌ جي ننڍن توڙن وڏن آبادگارن جي فصل کي نقصان رسايو آهي ان لاءِ پنهنجي ٽيم کي ماڪڙ جي هاڃن کي روڪڻ لاءِ تربيت ڪرائي رهيا آهيون، هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي جي زرعي ماهرن جي فني مدد گهربل هئي، جن اڄوڪي ٽريننگ وسيلي تمام بهتر رهنمائي ڪئي آهي، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي پلانٽ پروٽيڪشن شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر عمران کتري ۽ آفتاب جروار سکيا حاصل ڪندڙن کي ماڪڙ جي نسل، امڪاني حملن جي وقت ۽ فصلن جي ٿيندڙ نقصان بابت ٽيڪنيڪل سيشن ۾ سکيا ڏني. هن تريبيتي ورڪشاپ ۾ ٺٽو، بدين، سکر, ميرپورخاص، حيدرآباد،  سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي سماجي ڪارڪنن حصو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.