سجاول ۾قرض نه ڏيڻ تي تشدد جو شڪار نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

سجاول (رپورٽ : امتياز سومرو ) سجاول ۾ چار مهينا اڳ قرض جي ادائيگي نه ڪرڻ سبب بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائيل  نوجوان فوت ٿي ويو، انهي سلسلي ۾ سجاول جي ڳوٺ امير بخش ناريجو جي رهواسي 36 سالا نوجوان لياقت علي ناريجو کي چار مهينا اڳ قرض جي ادائيگي نه ڪرڻ تان هڪ شخص پاران شهر جي پبلڪ پارڪ وٽ لڳل بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن ڪري نوجوان ٿيل تشدد کانپوءِ  گڙدا فيل ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻين بيمارين ۾ مبتلا رهڻ ڪري گذريل ڏينهن گهر اندر فوت ٿي ويو آهي نوجوان جي فوت ٿيڻ سبب  گهر اندر ڪهرام مچي ويو ۽ ان جي والده کي بيهوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا آهن  فوتي کي ٽن معصوم ٻارڙن جو اولاد آهي کيس سجاول جي جلال شاھ بخاري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.