اڏيرو لعل مان نوجوان ٽن ڏينهن کان گم، وارث سخت پريشان

اوڏيرولال (ن ع آ)  ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن جي رهواسي جمعيت علما اسلام مٽياري  جي اڳواڻ حافظ خدابخش ڇٽو جو ننڍو ڀاءُ 35  سالا واحد بخش ڇٽو ولد عطامحمد ڇٽو  گذريل ٽن ڏينهن کان گم ٿي وڃڻ ڪري وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن ان موقعي تي حافظ خدابخش ڇٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀا واحد بخش جو دماغي توازن درست نه آهي  جنهن سبب اهو گهران نڪري ويو آهي جنهن جي اسان مختلف هنڌن تي ماڻهن کان پچا ڪئي آهي پر ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنهن بعد اسان اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي  رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته منهنجي ڀا جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.