الوداع،الوداع گل مورو الوداع الوداع……!!

تحرير: مظهر خاصخيلي

الائي ڇو دل اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ته هاڻي گل مورو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو جڏهن ته ڪالهه 9 سيٽمبر جي ڏينهن نامياري اديب، شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر گل مورو کي نوپور ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان قاضي گل محمد ۾ سندس آخري آرامگاه تي اجرڪن ۽ جيئي سنڌ جي جهنڊن جون چادرون چاڙهي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس قُل شريف سان گڏوگڏ جيئي سنڌ جي قومي تراني سان سلامي پيش ڪئي وئي.

ان کان اڳ سندس جنازي نماز ڳوٺ راهب مورو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، آزاد انور ڪانڌڙو، اصغر ڀريائي ڀٽي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، مظهرخاصخيلي ،اسد سولنگي، اڳوڻو ڊي سي شڪارپور سڪندر علي خشڪ،اڳوڻو ڊي اي او نوشهروفيروز نور احمد سولنگي، شاهه لطيف مورائي، گدا خاصخيلي، ڊاڪٽر نور مورو، رضا لانگاهه، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر قاضي ذوالفقار، جنرل سيڪريٽري غلام مرتضيٰ ٽڳر، امجد ميمڻ، خادم حسين مري، ساگر يوسف منگي، مشتاق حسين مري، يونس راڄپر، علي نواز سولنگي، خادم سيال، شاهد چنه، ممتاز سولنگي، گلبهار مري، خير محمد کنڊ، سهيل راڄپر، قاسم اسراڻ، مسرور چانڊيو سميت پريس ڪلب جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس پونيئر ڀائرن ڪامل مورو، عبدالمجيد، عبدالرحمان، عبدالرحيم ۽ ٻين سان تعزيت دوران ڳالهائيندي تاج جويو چيو ته گل مورو يارن جو يار هو نوشهروفيروز ۾ قومي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون سندس دم قدم سان زندهه هيون، اڄ نوشهروفيروز جي ادبي، قومي ۽ صحافتي زندگي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو ڀرجڻ مشڪل آهي. هن چيو ته گل مورو فڪر جي ايم سيد جو پيروڪار هو پر هن هر روشن خيال سيڪيولر ۽ سنڌ دوست ڌُر جو ساٿ ڏنو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته گل مورو سنڌ جي قومي تحريڪ جيڪا رهبر سنڌ جي فڪر هيٺ هلندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ آهي ان جو سلڇڻو، سٻاجهڙو، باصلاحيت، بهترين ڪردار رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل قومي ادب سان دلچسپي رکندڙ هيو. نوشهروفيروز ضلعي جي صحافين جي سٿ جو ايماندار ڪردار ادا ڪندڙ شخص هو جنهن جو وڇوڙو خاص طور تي قومي تحريڪ لاءِ وڏو نقصان آهي.

اصغر ڀريائي ڀٽي چيو ته گل مورو پنهنجي نالي جي نسبت سان خوشبودار رهيو، هن جي روشن خيالي، ٻولي سان محبت، ادب، قوم ۽ اجتماعي جاکوڙ سڀاويڪ رهيو، سچو خرو، بيباڪ، جرئتمند ڪردار هن جي تصنيف، تحقيق ۽ تقرير کي تا ابد دلين ۾ زندهه رکندو. واضح رهي ته گل مورو پنهنجي ڀائرن کان علاوهه 3 پٽ ۽ 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.۽ حقيقت به اها آهي. ته هاڻي اسان جي وچ ۾ اهو گل موروناهي رهيو ۽ هو جسماني طور تي هميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي اوڏهان دور هليو ويو آهي. جتان هن وقت تائين وري ڪير ٻيهر واپس موٽي ناهي آيو پر پوءِ به هيءَ چري دل اهو نٿي مڃي ته ڪو گل مورو اسان وٽ ناهي هن چري دل کي ڪير سمجهائي ته اهو گل مورو جيڪو هر دوست يار کي مان ڏيڻ سان گڏ هميشه سنڌ ڌرتي جي پاڻي ،ناڻي ،سنڌي ٻولي کان سواءِ هر معاملي تي ضلعي نوشهروفيروز جي سمورن سياسي پارٽين کي گڏ ڪري پاڻي جون ڪانفرنسون  سنڌي ٻولي قومي ٻولي جون ڪانفرنسون سڏائي سموري سنڌ جي اديبن شاعرن سياسي پارٽين کي سڏي جيڪي ميلا مچائي سنڌ جو عاشق هجڻ جو ثبوت ڏيندو هو اهو گل مورو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو پر اڄ به سنڌ جي ناليواري اديب ،حافظ محمد بخش خاصخيلي جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجن ٿا جڏهن به ڪنهن محفل ۾ حافظ محمد بخش مونکي ،گل مورو،زاهد راڄپر،رزاق مستوئي کي گڏ ڏسندو هو ته اسٽيج تي اسان جا نالاکڻي چوندو هو هيءَ منهنجي چرين جي ٽولي آهي.

اڄ دوستن جي سٿ مان گل مورو جو ائين ڇڄي وڃڻ جيءَ کي جهوري ٿو وجهي ۽ دل چري اها ڳالهه تسليم نٿي ڪري ته ڪو واقعي گل هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو ۽ هو ان ڏيهه ڏانهن اڏامي هليو ويو آهي. جتان وڃڻ کان پوءِ وري ڪير واپس ناهي موٽي آيو اها سموري پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي. ان کان ڪير منهن نٿو موڙي سگهي پر جنهن سان 30 سال گڏ ڏک ،سک ۾ گهاريا هجن ۽ گڏ سفر ڪيو هجي ان کي ايئن ڀلا ڪيئن وساري ڇڏجي مونکي اڄ به اها ڳالهه چڱي طرح ياد آهي. جڏهن وقت جي آمرن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ان وقت گل مورو ،زاهد راڄپر ،رزاق مستوئي ۽ مون گڏجي نوشهروفيروز جي ضلعي ڪائونسل هال  ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي  هئي ان پاڻي ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ اندر سياست ڪندڙ پارٽين جا اڳواڻ ۽ ناليوارا اديب شامل ٿيا هئا پر هن ڪانفرنس ۾ خاص شرڪت هاري تحريڪ جي اهم اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ۽ ناليواري اديب علي بابا شرڪت ڪئي هئي ان  پاڻي ڪانفرنس کان پوءِ اسان 5 دوستن گل مورو جي ڳوٺ راهب مورو ۾ ويا هياسين ۽ اها رات سڄي اسان کلندي کلندي جاڳي گذاري هئي جنهن جي لاءِ سنڌ جي ناليواري اديب علي بابا ان وقت چيو هو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ايترو ناهيان کليو جيترو اڄ هتي گل مورو جي ڳوٺ ۾ اوهان 5 دوستن جي ڪچهري کان پوءِ کليو آهيان ۽ اهو سمورو احوالا علي بابا ۽ ڪامريڊ سهتي پنهنجن ڪتابن ۾ به لکيو آهي.

هيءَ ته هئي هڪ رات جي ڳالهه پر جنهن گل مورو سان 30 سال گڏ سفر ڪري گڏ راتيون رهي جيترو مون جا وري ٻين دوستن کليو هوندو انهن سمورن واقعن جون وري ڳالهيو ن جيڪڏهن هتي لکبيون ته سوين پيج ڀرجي ويندا ڇو ته سچ اهو آهي. ته گل مورو واقعي مست قلندر ماڻهو هو اهڙو مست قلندر ماڻهو جنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان پنهنجي جيءَ جان کان وڌيڪ پيار هوندو هو هر وقت سنڌ جي آجپي لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هوپنهنجي سموري ڄمار گل مورو سنڌ ڌرتي سان عشق ۾ گذاري ڇڏي، هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو پاڻ ملهايو هن سنڌي ادب کي 2 ڪتاب هڪڙو شهيد بشير قريشي جي شهادت کان پوءِ منصور جو آواز ۽ ٻيو پنهنجي پياري دوست استاد علي نواز تڳر تي تاثراتي ناز نسورو نيهن لکيا ۽ ساهتي پرڳڻي جي سمورين ادبي سياسي سماجي شخصيتن تي هڪ هزار کان مٿي مقالا لکيا ۽ اهو ڪتاب جنهن جو نالو ساهتي جا سپوت هن چونڊيو هو جيڪو اڃان ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.ان کان سواءِ هن پنهنجي سموري عمر ادب دوستي ۾ گذاري ڇڏي. نوشهروفيروزپريس ڪلب ۾ سنڌ جي سمورن اديبن کي سڏي انهن سان رهاڻون ڪتابن جون مهورتون ڪرڻ وارو سلسلو به گل مورو ۽ اسان دوستن گڏجي شروع ڪيو ۽ ڪيترن رسالن هفتيوار اخبارن ۾ به گڏجي ڪم ڪيو اڄ ان جي وڇوڙي کي دل ان ڪري نٿي مڃي جو گل مورو سان ڪيل ڪچهريون ،ڀوڳ، محبت ،رسڻ ،پرچڻ وارا واقعا ايترا دفعا ٿيندا هئا جو جيسين جسم ۾ ساهه آهي گل مورو وسري نه سگهندو پوءِ ڇونه کيس اڄ پنهنجن پيرن سان لتاڙي دفن ڪري آخري لفظ اهي چوڻا پيا ته الوادع،الوداع گل مورو الوداع الوداع

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.