ڪراچي ۾ اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تان لاهڻ ۽ ٻيهر انٽرويو ڏيڻ باوجود آرڊر نه ٿيڻ خلاف ملازمن پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان چوٿين ڏينهن به بک هڙتال ڪئمپ قائم،احتجاج تي ويٺل ملازمن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا تي اسيمبلي جو گهيراءُ ڪنداسين،ان موقعي تي برطرف ملازم غياث الدين،علي رضا ميمڻ،جاويد علي پنهور،شباب گبول،روشن، عطاءَ الله لغاري،مقصود شيخ ۽ ٻين چيو ته 2 سال نوڪريون ڪيون آھن پر سنڌ حڪومت ٻيھر انٽرويو ڪرائڻ باوجود انهن کي پڪا آرڊر نه پئي ڏئي ۽ بنا ڪنهن جواز جي برطرف ڪيو ويو آهي،جڏهن ته اسان سان گڏ ڪراچي جي ڪيترن ئي ڇوڪرن ٽيسٽون ڏنيون هيون انهن کان نه ٻيهر انٽرويو ورتا ويا آهن نه وري ڪراچي مان ڪنهن ملازم کي برطرف ڪيو ويو آهي،ان موقعي تي گياص الدين چيو ته پي ڊي پاران ملازمن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي هڪ طرف ملازمن کي بنا ڪنهن جي جواز نوڪريون تان برطرف ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف پرف ملازمن جي ڀرتي لاءِ اشتهار هلايا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.