سينئر صحافي رحيم الله يوسف زئي لاڏاڻو ڪري ويو

مردان  (م ڊ ) سينئر صحافي، تجزئي نگار ۽ افغانستان معاملن جو ماهر رحيم الله يوسفزئي 67 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، سندس جنازي نماز اڄ  مردان ۾ ادا ڪئي ويندي، رحيم الله يوسفزئي جي خانداني ذريعن موجب هو ڪافي عرصي کان بيمار هو، رحيم الله يوسفزئي 10 سيپٽمبر 1945 ۾ پيدا ٿيو، کيس القاعده سربراهه اسامه بن لادن جو انٽريو ڪرڻ تي شهرت ملي، رحيم الله يوسفزئي طالبان جي ڪاررواين کي ڪافي عرصي تائين رپورٽ ڪندو رهيو، کيس افغانستان جي معاملن مختلف ٽي وي چئنلن تي تجزيا ڪندو، کيس پاڪستان حڪومت پاران 2004 ۾ تمغه امتياز ۽ 2009 ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. رحيم الله يوسفزئي جي جنازي نماز اڄ صبح 11 هين وڳي سندس اباڻي علائقي مردان ڪاٽلنگ ويجهو ضمير بانڊه ۾ ادا ڪئي ويندي، رحيم الله يوسفزئي جي وڇوڙي صحافتي ميدان ۾ نقصان قرار ڏنو پيو وڃي.هوڏانهن ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي انجنيئر اسدالله خان رحيم الله يوسف زئي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته رحيم الله يوسفزئي جون ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه تعزيت ڪندي چيو ته رحيم الله يوسفزئي جي وڇوڙي سان ننڍي کنڊ جي صحافت ۾ هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي، هو امن پسندن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.