سنڌ ۾ نائين کان انٽر تائين نئين نصاب جي منظوري

ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي  ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم اينڊ ريسرچ، ڪريڪيولم ونگ ۽ سنڌ ٽيسڪٽ بڪ بورڊ کي ملائي  هڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نائين کان ٻارهين جماعتن تائين نئين نصاب جي منظوري ڏني وئي آهي،  ڊسمبر تائين نئين نصاب کي ڇپرائڻ جي هدايت،  تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ جي سربراهي ۾ سنڌ ڪريڪيولم ڪائونسل جو 11 هون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پهرين کان اٺين جماعت جي ٽيڪسٽ بڪن جي نظرثاني ۽ نائين کان ٻارهين جماعت جي نئين ٽيڪسٽ بوڪ جي جوڙجڪ، ٽيچر ٽريننگ اداري جي نئين سر جوڙجڪ، نائين کان ٻارهين سليبس جي ترتيب، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنيڪي علم جو اندراج، ٻارن لاءِ هلڪا اسڪول بيگز سميت ٻين آئٽمز تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪريڪيولم ونگ جي چيف ايڊوائز ڊاڪٽر فوزيه خان اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پهرين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين جي ڪتابن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ نائين کان ٻارهين جماعتن جي نئين ٽيڪسٽ بڪس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي مڪمل تفصيل جي حوالي سان اجلاس کي پريزنٽيشن ڏني جنهن کي اجلاس منظور ڪيو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ٽيڪسٽ بڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي، جنسي متڀيد، جانورن لاءِ سخت رويي، معاشري ۾ تشدد يا عدم تشدد ۽ انتها پسندي کي هٿي وٺرائيندڙ ڪنهن به رويي کي نصابي ڪتاب جو حصو نه هجڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.