سنڌ ۾ 7 مهينن اندر بک، غربت ۽ بي روزگاري سبب 442 خودڪشيون

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ ۾ 7 مهينن اندر غربت، بک، بدحالي، بي روزگاري سبب 442 خودڪشيون ٿيڻ جو انڪشاف، خودڪشين جي واقعن کي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري سطح تي روڪڻ ۾ ناڪامي، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران خودڪشين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ سماج جي سمورن طبقن کي آگاهي مهم هلائڻ جو زور. ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم صفا سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران خودڪشين جي واقعن کي روڪڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار جي صدارت وڏي وزير جي صلاحڪار ويرجي ڪولهي ڪئي، جڏهن ته نيورو سرجن ڊاڪٽر راجه رياض، نفسياتي ماهر ڊاڪٽر جميل جوڻيجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر علي ڏاهري، اي ايس پي علينا راڄپر، سماجي تنظيم صفا سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر پرهه خان مهمان خاص طور شريڪ هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ هر سال 10 سيپٽمبر تي خودڪشين جا واقعا روڪڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد خودڪشين جي واقعن جي روڪٿام ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلائڻ آهي. هنن چيو ته دنيا ۾ خودڪشين جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، هڪ تحقيق مطابق اسان جي ريجن ۾ خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا زهر کائڻ سبب پيش اچن ٿا، خودڪشيون ڪندڙ ۾ اڪثريت 15 کان 19 سالن جي ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي آهي. هنن چيو ته سنڌ اندر جنوري کان جولاءِ 2021ع 7 مهينن تائين مجموعي طور تي 442 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، اهي انگ اکر انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن، هڪ تحقيقي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 7 مهين اندر زهر کائڻ سبب 97، ڪارو پٿر پيئڻ سبب 54، گهريلو مسئلن سبب 71، غربت سبب 36، خانداني تشدد سبب 23 ۽ ٻين مختلف طريقن سان مجموعي طور تي 442 عورتن، مردن، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي آپگهات ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. هنن چيو ته خودڪشين جا سڀ کان وڏا ڪارڻ غربت، بک، بدحالي، بي زوگاري آهي، جڏهن ته محبت ۾ ناڪامي، گهريلو مسئلا، تشدد جا سبب به اهم آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ خودڪشين جو سيڪڙو ٿرپارڪر ۾ آهي، جتي خودڪشين جا واقعا هر آئي ڏينهن پيش اچن ٿا، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ان کان علاوه غربت جي خاتمي لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هنن سماج جي سڀني باشعور طبقن تي زور ڀريندي چيو ته اهي هر علائقي ۾ خودڪشين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ آگاهي مهم هلائن. 17

ملڪ ۾ آپگهات جي شرح ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي(رپورٽر) نفسياتي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ٻن سالن دوران ملڪ ۾ آپگهات جي شرح 3 مان وڌي 8 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي،هر سال 10 سيپٽمبر تي آپگهات کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان حوالي سان نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آپگهات ڪندڙن جي  شرح گذريل ٻن سالن ۾ 8 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي،رپورٽ موجب تقريبن 25 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن، ذهني دٻاءَ ۽ دماغي بيمارين ۾ ورتل آهن، جن ۾ وڌيڪ انگ نوجوانن جو آهي ۽ ماهرن ان جو وڏو سبب معاشي بدحالي ۽ ڪورونا کي قرار ڏنو آهي،ماهرن جو چوڻ آهي ته اڪيلائي، ڪاوڙ، شرمندگي، نشو ڪرڻ ۽ اهڙيون ڳالهيون جيڪي شرمندگي يا تڪليف جو سبب بڻجن، انسان کي ذهني بيمارين ڏانهن ڌڪينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ گهرڀاتين جي ڌيان ۽ نفسياتي ماهرن جو رابطو ضروري آهي،نفسياتي ماهرن وڌندڙ ذهني مرضن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وقت تي علاج ۽ ڪونسلنگ سان ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي،

دنيا ۾ ساليانو 8 لک ماڻهو آپگهات ڪن ٿا: ماهر

حيدرآباد: آپگهات جي حوالي سان هڪ عالمي تحقيقي رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ ساليانو اٽڪل 8 لک ماڻهو آپگهات ڪن ٿا، هر 40  سيڪنڊن ۾ ڪونه ڪو پنهنجي زندگي جو انت آڻي ٿو. هن اهم مسئلي کي عالمي منظر نامي تي ڏسنداسين ته آمريڪا ۾ رڳو هڪ سال ۾ 42773 برطانيا ۾ 6507 ڪئناڊا ۾ 4157 ۽ جاپان ۾ رڳو گذريل سال لڳ ڀڳ 20 هزارن کان مٿي ماڻهن آپگهات ڪيو آهي. ماهرن مطابق انهن امير ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ آپگهات جا واقعا گهٽ پيش اچن ٿا. مختلف رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو آپگهات ڪن ٿا ۽ سنڌ ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائين ٿا. مختلف تنظيمن موجب سنڌ ۾ روزانو 10 ماڻهو پنهنجي زندگي جو انت آڻين ٿا. 17

پيرڳوٺ ۾ نوجوان معاشي تنگي سبب انت آندو

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ راهوجا ۾ نوجوان علي جان ولد شهيد صحافي محرم علي شيخ معاشي تنگي سبب نشي آور گوريون کائي خودڪشي ڪئي. جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي هوُ فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان علي جان راهوجو بيروزگار هو، مسلسل پريشان رهڻ بعد هن اهڙو قدم کنيون.

سنڌ ۾ 275 هندن ۽ 560 مسلمانن آپگهات ڪيو

حيدرآباد: هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ گذريل سال ڪل 835 آپگهات جا واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 275 هندو ۽ 560 مسلمانن آپگهات ڪيو، جن ۾ 135 مردن، 140 هندو عورتن سميت 385 مردن ۽ 175 مسلمان عورتون شامل آهن، جڏهن ته گذريل سال 2020ع ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪرڻ جا مجموعي طور تي  845 واقعا رپورٽ ٿيا، خودڪشين جي ڪوشش جا سڀ کان وڌيڪ واقعا گمبٽ، دادو، ٽنڊوآدم ۽ خيرپور ۾ پيش آيا، اسپتالن تائين پهتل 730 ماڻهن جي زندگي بچائي وئي.17

ڊکڻ ۾گهرو اڻبڻت تان نوجوان ڪارو پٿر پي انت آڻي ڇڏيو

ڊکڻ : ڊکڻ لڳ نبي شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهوسايو جلباڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان 28 ورهين جي نوجوان مختيار احمد پٽ دلدار جلباڻي ڪارو پٿر پي زندگي جو انت اڻي ڇڏيو آهي،نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي،ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان مختيار احمد جلباڻي پنهنجي ڀاءُ کان پئسا گهريا نه ملڻ تي گهر ۾ رکيل ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ نبي شاھ وڳڻ پوليس ٻڌايو ته مختيار احمد جلباڻي گهرو اڻبڻت تان گهر ۾ رکيل ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ٿرپارڪر ۾ ٻن عورتن آپگهات ڪري ڇڏيو

مٺي (ڊ ر) ٿرپارڪر ۾ آپگهات جا 2 واقعا پيش آيا آهن، هلندڙ سال ٿرپارڪر ۾ 75 کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا ٿي چڪا آهن، ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ گذريل ڏينهن ٻن عورتن مبينه طور آپگهات ڪري ڇڏيو، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ويهرو ۾ 28 سالن جي ثمينه زال سردار راهمون جو گهر مان ٽنگيل لاش مليو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کينسر اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري لاش کي ڇاڇرو آندو ويو، جتي به ڊاڪٽر موجود نه هو، 12 ڪلاڪن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، خودڪشي ڪندڙ جي والد خميسو راهمون ساهرن تي الزام هنيو آهي ته سندس نياڻيءَ کي قتل ڪري خودڪشيءَ جو ڊرامو رچايو آهي، ٻيو واقعو مٺي تعلقي جي ڳوٺ باندو ۾ 60 ورهين جي گنڪا زال مجنو ڀيل کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته عورت جو دماغي توازن دُرست نه هو.

حيدرآباد ۾ نشي جي عادي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نوجوان گهر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. حيدرآباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ريشم بازار واري علائقي ۾ 20 ورهين جي نوجوان غلام مصطفيٰ انصاري گهر جي پکي جي نوڪ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت اندو. وارثن پوليس کي ٻڌايو ته نوجوان آئس سميت مختلف نشا ڪندو هو. جهيڙو پڻ ڪندو هو. اڄ سندس پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي. نوجوان جي آپگهات بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

بک بدحالي سبب نوجوان آپگهات پيا ڪن: جسقم

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي  ۾ ڄاڻايو آهي ته حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ بک، بدحالي سبب نوجوان خودڪشون ڪري رهيا آهن، پر سنڌ جا حڪمران سنڌ جي وسيلن تي عياشي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران گڏيل طور تي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لُٽي رهيا آهن، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ ۾ زراعت لاءِ پاڻي اڻلڀ آهي، ماڻهو سُڪل فصل ھٿن ۾ کڻي احتجاج ڪري رهيا آهن، حڪمران وري ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪري رهيا آهن، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ناهي 1991 جي پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.