سرڪار پاران سال دوران گيهه اگهن ۾ 90 سيڪڙو، دالين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو اعتراف

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين هڪ سال دوران گيهه جي قيمتن ۾ 90 سيڪڙو، دالين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته 19 – 2018ع ۾ رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ سان اثر پيو آهي، هن وقت مهانگائي 8،4 سيڪڙو ۽ فوڊ انفليشن 10،5 سيڪڙو آهي، سٺي خبر آهي ته معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو تائين رهي ۽ هلندڙ سال ان کي 4،8 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، افغانستان سان واپار پاڪستاني رپئي ۾ هوندو، افغانستان جي معاملي جو روزاني جي بنياد تي جائزو ورتو پيو وڃي، افغانستان جا 9 ارب ڊالر عالمي مالياتي ادارن پاران روڪيا ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر نوٽيسز جو سلسلو روڪيو ويو آهي، اسان وٽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي  ڊيٽا موجود آهي جيڪي سيلز ٽيڪس ڏئي سگهن ٿا، هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويندو، اسان غريبن جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪنداسين، پوري پاڪستان ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪرڻ اڃا ممڪن نه آهي، هن چيو ته افغانستان سان واپار پاڪستاني رپئي ۾ ٿيندو، ڪجهه هفتن کانپوءِ اها خبر پوندي ته افغانستان سان واپار تي ڪهڙا اثر پوندا، آگسٽ م امپورٽ بل ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته انڊين هيڪرز ايف بي آر جو سستم هيڪ ڪيو هو، انڊين هيڪرز 2019ع ۾ به ايف بي آر جو سسٽم هيڪ ڪيو، سسٽم هيڪ ٿيڻ تي جنهن کي سزا ملڻ گهرجي ها ان کي ملي چڪي، ايف بي آر جي آءِ ٽي سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، شوڪت ترين 19 – 2018ع ۾ رپئي جي قدر ڪيرائي وئي جنهن جو اثر ٿيو، هن وقت مهانگائي جي سطح 8،4 سيڪڙو فوڊ انفليشنن 10،5 سيڪڙو تي آهي، کاڌي پيتي جي شين جُون قيمتُون هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهن، جيڪب آباد ۾ بصر پوکيندڙ کي چار رپيا ملن ٿا ۽ هتي خريد ڪندڙن 30 رپيا ادا ڪري ٿو، مڊل مين جو ڪردار ختم ڪنداسين جيڪو مهانگائي جو سبب آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.