جنرل فيض حميد جي آرمي چيف ٿيڻ جا امڪان ختم

ڪراچي (م ڊ) فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ٿي ويون آهن، جنهن جي آءِ ايس پي آر به تصديق ڪري ڇڏي آهي، اهڙين مقررين کان پوءِ  اها ڳالهه واضح  ٿي وئي آهي ته هاڻ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد جي آرمي چيف ٿيڻ جا قانوني طور امڪان ختم ٿي ويا آهن، ڇو ته آرمي چيف قمر جاويد باجوه 28   نومبر 2022ع ۾ رٽائر ٿي ويندو. راولپنڊي ۽ ملتان جا ڪور ڪمانڊر مقرر ٿي ويا آهن، جنرل فيض حميد هاڻي ان ڪري به قانوني طور  آرمي چيف مقرر نه ٿو ٿي سگهي ته آرمي چيف لاءِ هڪ سال ڪور ڪمانڊر رهڻ ضروري آهي، اها  ٻي ڳالهه آهي ته وزيراعظم پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪري قانون ۾ ڪا نرمي ڪري ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، بحريال اهڙين مقررين سان ضرور ڪي خوش ٿيا هوندا ته ڪي مايوس به ٿيا هوندا ۽ مخالف ڌر به يقيني طور حيران ٿي هوندي ڇو ته کين شايد آسرو هئو ته نومبر ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ صورتحال تبديل ٿيندي. اڃان ڪجهه وقت آهي ڏسجي ته اڃا ڪهڙيون تبديليون اچن ٿيون، ايندڙ وقت ۾ گهڻو ڪجهه واضح ٿي ويندو، سينيئر صحافي عمران شفقت موجب  راولپنڊي جي ڪور انتهائي اهم هوندي آهي ڇو ته  اها ئي وزيراعظم سان حفاظت لاءِ سڌي رابطي ۾ هوندي آهي ۽ ٽيڪ اوور وارو ڪم به اها ٽپل ڪور ڪندي آهي، هاڻ جڏهن جنرل فيض  جي آرمي چيف ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن ته  مخالف ڌر جي اميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو آهي، هاڻ ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ڇا ٿا سوچين، ڇا ڪندا اهو به ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.