ايڪشن پلان ايپڪس ڪميٽي اجلاس: تشدد، انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙي عمل جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي پرتشدد ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف، وفاقي وزيرن فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ شوڪت ترين شرڪت ڪئي.

پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ ملڪ جي ان تي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي هدفن سميت ملڪي داخلي صورتحال جو به جائزو ورتو.

پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ سائبر سيڪيورٽي، جاسوسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو ويو، ان کانسواءِ اجلاس ۾ عدالتي ۽ سول سڌارن بابت قدمن تي به تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ هر هدف لاءِ ڪارڪردگي جو معيار ۽ ٽائم لائنز ڏيڻ، نيشنل ڪرائسز انفارميشن مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل جي نگران هونديون.

پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرتشدد ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي تڪڙي عمل جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته قومي سلامتي کي سڌي ريت متاثر ڪندڙ عملن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي به عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سي پيڪ، خاص طور چيني شهرين جي فول سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اندرين سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا ۽ شرپسندن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

اجلاس ۾ وزيراعظم هٿياربند فوجن، پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي قربانين تي انهن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.