ڀان سيد آباد ۾ ايس يو پي پاران شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ريلي

ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڀان شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ  ،ڪرپشن ۽  ضلعي ڄامشوري ۾ بدامني ۽ منشيات جي ڪاروبار خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،

ريلي جي اڳواڻي ايس يو پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، درياء خان لغاري اصغر سولنگي ، اصغر شاهاڻي ڪري رهيا هيا۔ سوين قومي ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي ، ريلي ٻرڙا هائوس کان نڪتي جيڪا شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندي پريس ڪلب وٽ پهتي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن روشن ٻرڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وڏي وزير جو اباڻو شهر ڀان سيدآباد مسئلن جي ورچڙهيل آهي،شهر ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل آهن پر ٽائون عملو صفائي نه ٿو ڪري،تعلقو سيوهڻ منشيات جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي پر ايس ايس پي منٿلي وٺڻ ۾ پورو آهي، هنن چيو ته ڀان سميت پوري ضلعي ۾ بدامني آهي. چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، هنن اعلان ڪيو ته 10 آڪٽوبر تي منشيات جي ڪاروبار ۽ بدامني خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.