آرمي چيف سان آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جي ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي ڳجهي ايجنسي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنس ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي پاڪستان جو انٽر سروسز انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به موجود هو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته سي آءِ اي سربراهه پاڪستان جي افغانستان ۾ ڪردار کي ساراهيو.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته وليم جوزف برنس خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي به ساراهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني اختيارين طرفان ان وچن جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ امن بابت سهڪار لاءِ پرعزم آهي.

واضح رهي ته سي آءِ اي سربراهه تازو افغانستان ۽ ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.