لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ٽئنڪ چوڪ اوور هيڊ برج هيٺيان هفتو اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڊاڪٽر امداد شيخ جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار بلاول عرف بلو لغاري کي دڙي ٿاڻي جي پوليس گذريل اربع رات دير سان حد جي ڪني کوهه واري علائقي مان پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ بعد ڪالهه دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس جوابدار جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت جوابدار کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جوابدار بلاول عرف بلو لغاري کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي پر عدالت کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن رمانڊ بعد پوليس جوابدار کي سخت پوليس پهري هيٺ دڙي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. واضع رهي ته مقتول ڊاڪٽر امداد شيخ جي وارثن پاران پوليس خلاف ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.