احمدپور لڳ پسند پرڻو ڪندڙ ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، احتجاج

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ عبدالحڪيم سيال جي رهواسڻ ناري رابعه سيال پنهنجي مڙس نسيم سيال سان گڏ احمدپور پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ جو بااثر سليم سيال جان جو ويري بڻجي ويو آهي جنھن خلاف خيرپور جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي جڏهن ته حاضري تان واپس موٽندي لالڻ واهه وٽ بااثر ساٿين سان گڏجي رستي تان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران رڙين تي ماڻهن پهچي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي ناري رابعه خاتون سيال ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري کين زندگي بچائي وڃي..

ڪنڌڪوٽ پوليس نوجوان کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ پوليس پاران عيدگاھ پاڙي وٽ مبينا مقابلي ۾ ھڪ نوجوان شاھد شيخ کي زخمي حالت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.ڪنڌڪوٽ پوليس موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ايس ايڇ او الياس اوڍو سندس ٽيم گوليمار واري علائقي ۾ معمول موجب گشت ڪري رهي هئي ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورو پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ لڳو جنهن جو پوليس پيڇو ڪيو ته کين ڦورو شاهد شيخ پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ جوابي فائرنگ ۾ ڦورو شاهد شيخ زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.