لاڙڪاڻي پوليس پورهيت کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس حد جي کيڏڪر روڊ تان مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جتي مقابلي بعد پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته زخمي ڏوهاري جا ٽي ساٿي فرار ٿي ويا آهن، زخمي ڏوهاري کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس سڃاڻپ ميروخان تعلقي جي ڳوٺ ڦلڻ جتوئي واسي اسد ولد نظر محمد جتوئي طور ٿي آهي، جنهن مٿان لاشاري، رتوديرو ۽ تعلقي ٿاڻي تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن. هوڏانهن اطلاع تي مبينا ڏوهاري جا وارث وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا، جيڪي پوليس کي پٽون پاراتا پڻ ڏيندا رهيا. ان موقعي تي مبينا ڏوهاري جي امڙ ماروي جتوئي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪراچي جي ڪورنگي ۾ نئين ٺهندڙ فليٽ جو ڪم ڪري رهيو هو جتان 8 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او رتوديرو احسان بليدي کيس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جتان رات دير سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي کيس تعلقي ٿاڻي پوليس حوالي ڪيو جن پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري کيس هڪ ٽنگهه کان معذور بڻائي ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.