صحافي ۽ اديب نصير نهڙيو مٽي ماءُ حوالي

ٽنڊوالھيار/چمبڙ (نمائندا)ٽنڊوالھيار جي صحافي ء سنڌي ٻولي جو  شاعر۔ اديب ۔ صحافي  نصير نھڙيو کي ڪپري موري لڳ دينو شاھجي قبرستان لڙڪن ۽ سڏڪن سان مٽي ما۽ حوالي ڪيو نصير نھڙيو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ علي محمد نھڙيو م ادا ڪئي وئي سندس جنازي نماز م ايم اين اي ذالفقار ستار بچاڻي انڊس آن لائين جي سي او خالد کوکر ناليواري صحافي سھيل پيرزادو صحافي غلام رسول ڇانڊيو صحافي خالد ڇانڊيو ليکڪ تاج جويو صحافي نذير پنھور شوڪت پنھور معروف تاريخدان عبدالواحد عاصي ھڪڙو شاعر محمد علي ميرجت ليکڪ مسڪين سمون ايس ايس پي ٽنڊوالھيار رخسار احمد خاوڙ سميت مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي  ايم اين اي زوالفقار ستار بچاڻي چيو ته نصير جهڙا صحافي هن معاشري ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن نصير هميشه عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ پنهنجي پورهئي سان غريبن جا انيڪ مسئلا حل پڻ ڪرايائين ۔ ناليواري صحافي خالد کوکر چيو ته نصير سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته مون کي هن ۾ ڪيترائي گڻ نظر ايندا هئا هر مسئلي کي ائين حل ڪندو هو جئين ڪو مسئلو ئي نه هجي صحافي دنيا ۾ نصير جو خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي ۔ تاج جويو چيو ته نصير نصير هو جيڪو هڪ انمول هيرو هو جيڪو اڄ اسان کان کسجي ويو آهي جڏهن به بهترين صحافين جي ڳالهه ٿيندي ته ان ۾ نصير جو زڪر ضرور هوندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.