ڏوڪري لڳ ناليواري ليکڪ ۽ صحافي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

ڏوڪري قاضي ( ن ع آ ) نامياري صحافي ليکڪ اديب  ڪالمنگار ۽ موهن جو دڙو پريس ڪلب جي سينئر نائب صدر سيد گدا حسين شاهه بخاري جي امڙ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، سندس تڏو موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ وڇايو ويو آهي. مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،  جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، هوڏانهن سيد گدا حسين شاهه، سيد شهنشاهه بخاري، امجد حسين، فدا حسين، صدا حسين  سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سينئر صحافي عبدالحق پيرزادو، اسد ٻگهيو، ، قاضي آفتاب احمد، عبدالجبار ميمڻ، جي ايم جهتيال، عبدالحڪيم ابڙو، ڪامريڊ ٺارو خان ماڇي، محمد رمضان ساريو, ڪامريڊ دودو ديشي ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.