ميڊيائي مارشل لا جون تياريون ۽ صحافتي مزاحمت جي تاريخ

مظهر عباس

محترم سڌسماءُ وارو وزير فواد چوڌري اڄڪلهه تمام وڏي زور شور سان ” ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ“ جي قيام لاءِ سرگرم آهي، ڪالهه تائين پاڻ کي صحافي ۽ اينڪر چوندڙ اڄ انهن ماڻهن کي به نه ٿو سڃاڻي جن کي هو ڪڏهن صحافي چوندو هو. هو PFUJ جهڙي تنظيم کي به ميڊيا مالڪن سان جوڙي ٿو ڇڏي جڏهن ته کيس اها به خبر آهي ته 1950ع کان پي ايف يو جي، جي تاريخ ڪهڙي رهي آهي، پي ايف يو جي صحافتي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هڙتال اخباري مالڪن جي خلاف ئي ڪئي هُئي.

1970ع ۾ اسان ڪمزور ضرور ٿياهياسين ۽ اوهان جهڙن حڪمرانن اسان جي صفن ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ پيدا ڪئي هُئي پر ياد رکو اڄ به ڪجهه اهڙا ديوانا موجود آهن جيڪي صحافت جي آزاديءَ لاءِ روڊ ۽ رستن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهن. مان اهو نه ٿو چوڻ چاهيان ته اوهان انهيءَ ميڊيا اٿارٽيءَ جي قيام کانپوءِ  پهريان ميڊيا مارشل لا ايڊ منسٽريٽر طور ياد ڪيا ويندا يا نه، اهو فيصلو اوهان کي پاڻ کي ڪرڻو آهي، ۽ اوهان کي اهو فيصلو به پاڻ ئي ڪرڻو آهي ته اوهان کي الطاف گوهر ۽ جنرل مجيب جي صفن ۾ رهڻو آهي يا وري جمهوريت پسندن جي ساٿ ۾ شامل ٿيڻو آهي.

ميڊيائي مارشل لا خلاف جنگ دليل سان به ٿيندي ۽ احتجاج سان به ٿيندي. رهي ڳالهه ” فيڪ نيوز“ جي ته ان جا خالق خود حڪمران آهن، بيانَ ڏسو ۽ انهن جا تجزيا ڪندا وڃو اوهان کي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي، جيستائين قانون جي ڳالهه آهي ته وزيراعظم عمران خان اڪثر ڪري ان حوالي سان برطانيه جي قانون جو مثال ڏيندو آهي، اوهان هن ملڪ ۾ صرف ”هتڪ عزت“ جي قانون کي سخت ڪري ڇڏيو، 2002ع جي قانون ۾ ترميم ڪريو فرق اوهان کي پاڻ کي معلوم ٿي ويندو. اوهان کي جيڪڏهن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي حڪمرانن جي اثر هيٺ آڻڻو آهي ته اها ڪوشش ته اوهان کان اڳ وارن به ڪئي هئي، هاڻي اوهان به ڀلي ڪري ڏسو.

اوهان جيڪو ميڊيا اٿارٽيءَ جو خاڪو پيش ڪيو آهي، اوهان جي ان بيان سان ته ايوب خان جي 1960ع واري پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس جي ياد تازي ٿي وئي آهي، اهو صرف پرنٽ ميڊيا لاءِ هيو، ۽ اخبارن کي قابو ڪرڻ لاءِ  PMDA جي ذريعي اوهان هر طرح جي ميڊيا کي قابو ڪرڻ گهرو ٿا، جتي ٻيا ڪيترائي قانون، ميڊيا کي قابو ڪرڻ لاءِ اڳ ئي موجود آهن، ٺيڪ آهي اتي هڪ وڌيڪ قانون لاڳو ٿي ويندو، پر اوهان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ” خبر“ ڪڏهن به رڪجندي ناهي. سينسر شپ ۽ ڪنٽرول ئي “ فيڪ نيوز“ کي جنم ڏيندا آهن. اوهان جي ميڊيا اٿارٽيءَ جي ذريعي جن قانونن کي ختم ڪيو پيو وڃي انهن قانونن ۾ اخباري ڪارڪنن جي هڪ ڊگهي جدوجهد بعد ٺهندڙ نيوز پيپر ايمپلائز ايڪٽ 1973ع به شامل آهي، جيڪو نه صرف ميڊيا جي ڪارڪنن ۽ صحافين جي پگهارن جو تعين ڪندو آهي پر انهن جو تحفظ پڻ ڪندو آهي، انهيءَ قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ اخباري مالڪ ڪيترائي دفعا سپريم ڪورٽ سان پڻ رجوع ڪري چڪا آهن پر هر دفعي ناڪام ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻي اهو ڪم فواد چوڌري صاحب جي ذمي ڪيو ويو آهي. ان کان ته بهتر آهي ته ان قانون ۾ ترميم ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن کي به تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ٻيو قانون جيڪو ختم ڪيو پيو وڃي اهو پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ( پيمرا) آهي، اهو قانون ٽي وي چينلز کي لائيسنس ڏيڻ ۽ ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو، ان ۾ به جيڪڏهن حڪومتي ۽ رياستي مداخلتون نه ٿين ته ان کي به بهتر ڪرڻ جي گنجائش آهي. هونئن به جڏهن اهو قانون ٺهي رهيو هو ته  PFUJ انهيءَ ڪراس ميڊيا اونرشپ جي مخالفت ڪئي هُئي، ڇو جو ان قانون سان ”هڪ هٽي“ پيدا ٿيڻ جو خدشو هو، پر شيخ رشيد ۽ فواد احمد چوڌريءَ جهڙا ماڻهو ان جي حق ۾ هيا. اهو ائين ئي آهي جيئن 2014ع ۾ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ اليڪٽرانڪ ڪرائمز خاتمي وارو ايڪٽ جوڙيو پئي ويو ته PFUJ  خبردار ڪيو هو ته ان کي غلط نموني استعمال ڪيو ويندو. اڄ ان ايڪٽ کي ايف آءِ اي ذريعي هراسان ڪيو ٿو وڃي پر ختم نه ٿو ڪيو وڃي.

ان اٿارٽيءَ بعد پريس ڪونسل آف پاڪستان 2002 ع به ختم ٿي ويندي، هونئن به حڪومت گذريل ٽن سالن کان ان جو چيئرمين مقرر نه ڪري ان جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. هاڻي رڳو ضابطي جي ڪارروائي باقي آهي. ان اٿارٽيءَ بعد  نيوز ايجنسي اينڊ بڪ رجسٽريشن آرڊيننس 2002 به ختم ٿي ويندو ۽ موشن پڪچرز آرڊيننس 1979ع به ختم ٿي ويندو، ان کانپوءِ ” سڀ سٺا ڪتاب شايع ٿيندا ۽ سٺيون فلمون ٺهنديون“ بس اوهان سڀني کي رجسٽريشن ۽ لائيسنس حاصل ڪرڻ لاءِ درٻار ۾ حاضري ڏيڻي پوندي.

هاڻي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي جابر سلطان جي سامهون حق جو ڪلمو پڙهڻ جي عادت پيل آهي ته پوءِ ان لاءِ صحافت جي شعبي کي خدا حافظ چوڻو پوندو، اهڙي سموري صورتحال کانپوءِ ميڊيا جو حال ڇا هوندو، ان جي نشاندهي گهُڻو عرصو اڳ محسن ڀوپالي جنرل ضيا جي سينسر شپ جي دور ۾ پنهنجي هڪ شاهڪار نظم ۾ ڪئي هئي.

پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح صحافت جي آزاديءَ جو علمبردار هيو، پر 11 آگسٽ 1947ع تي خود ان جي تقرير سينسر ڪرڻ جي سازش ڊان جي ايڊيٽر الطاف حسين پاڻ ناڪام بڻائي ڇڏي هُئي، جڏهن ته اڄ جو اطلاعات وارو وزير انهيءَ اخبار ڊان تي بين الاقوامي اسٽبلشمينٽ جو حصو هجڻ جو الزام هڻي رهيو آهي،

اوهان وٽ جيڪڏهن ثبوت آهي ته عدالت سان رجوع ڪيو ايئن ” فيڪ نيوز“ ڇو ٿا ڦهلايو، جڏهن ملڪ ٽٽي رهيو هو ته چيو ويو ته لکو سڀ ٺيڪ آهي، انهيءَ مائينڊ سيٽ، صحافين کي گرفتار ڪرايو هو، ميڊيا تي پابنديون لڳرايون هيون، صحافين کي گم ڪرايو ويو، ڪيترن کي ته ماريو پڻ ويو ۽ چينلن جي نوڪرين تان هٽرايو ويو، انهن جا اخبارن ۾ ڪالم روڪرايا ويا، پوءِ چيو ويندو آهي ته هاڻي ثبوت آڻيو، ڀلا ڪوئي ٻڌائي ته مائنڊ سيٽ جو به ڪو ثبوت هوندو آهي، مائنڊ سيٽ ته عمل مان ظاهر ٿيندو آهي. ان لاءِ رڳو هڪ فون ڪال ئي ڪافي آهي.

اسان وٽ قلم آهي، مائيڪ آهي ۽ زبان آهي، پر اوهان وٽ طاقت آهي انهن سڀني کي قيد ڪرڻ لاءِ، اسان وٽ نثار عثماني ۽ منهاج برنا جي ميراث آهي ۽ اوهان وٽ ايوب خان، جنرل ضيا ۽ مشرف جي ميراث آهي ۽ اوهان کي تاريخ اهڙي ئي نموني ياد ڪندي رهندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.