گهوٽڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي(ڊر+پ ر)  سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ جي ارڏي ۽ اڻموٽ ڪامريڊ مانڌل شر جي ياد ۾ جلسو ڪيو ويو،جلسي کي خطابڪندي مھمان خاص ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته سنڌ جو ھاري ۽ ننڍو آبادگار اڄ جن حالتن کي ڀوڳي رھيو آھي ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ جي ضرورت آھي، سرڪار ۾ ويٺل وڏيرا ھڪ طرف پاڻي جي چوري ۽ زبردستي ڪري پنھنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ھارين ۽ ننڍن آبادگارن جون زمينون غير آباد ڪري رھيا آھن. بيٺل فصل سڪائي رھيا آھن. مرڪزي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت ھجي عام ماڻھن جي فلاح ء بھبود بجاء عوام کان اڳڙيل ٽيڪسن ذريعي فنڊن جي خرد برد ۾پورا آھن.اھڙين حالتن ۾ڪامريڊ مانڌل شر جھڙن بھادر اڳواڻن جھڙي جرئت واري جدوجھد جي ضرورت آھي.جلسي کي   سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيس مير منور ٽالپور ڪامريڊ ڏامرومل به خطاب ڪيو، آجياڻي تقرير ڪندي نويد مانڌل شر چيو ته ڪامريڊ مانڌل شر منھنجو ته والد ھو پر ھو بھادر جاکوڙي ۽ھارين لاء پاڻ ارپيندڙ اڳواڻ ھو،.جلسي کي ڪامريڊ ستار گھوٽو، ڪامريڊ زرقا شر، ڪامريڊ ذواليخان شر، ڪامريڊ ڪٽو شر، ڪامريڊ جھانگير شر، ڪامريڊ سرور شر،  شعيب شر،  چاڪر شر، منٺار شر ء محسن شر پڻ خطاب ڪيو.بعد ۾  نرلي مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي پھچائي ھارين کي معاشي نقصان کان بچايو وڃي ء سڄي سنڌ م پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.، ڦٽي جو اگھ 8000 مقرر ڪيو وڃي.جلسو گھر ڪري ٿو ته پاڪستان حڪومت افغانستان م مداخلت بند ڪري افغان پناھگيرن جا ڪٽڪ ملڪ ۾ ايندا ۽ آبادي جو دٻاء وڌندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.