سنڌ جو وجود خطري ۾ اهي، متحدٿيڻو پوندو: صنعان قريشي

نوابشاھ / ٻانڌي/ھالا (نمائندا ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر ، ديدار شام ،آصف مگسي نوابشاھ، ٻاندي ھالا پهتا، نواب زيرو پوائنٽ ۽ هالا ٻائي پاس، ٻانڌي اسٽاپ تي جسقم ڪارڪن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو سوين ڪارڪنن استقبال ڪيو، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين جسقم جي مرڪزي اڳواڻ سڄڻ سنڌي جي تعزيت لاءِ سندس رهائش گاھ تي پهچي سندس پٽن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو  ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِڌارين ماڻهن جي لوڌ کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي ٻيٽن، زمينن توڙي معدني وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي چڪا آهن، ھن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي ڌاري آبادي جي حوالي ڪري سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ کي بچائڻ لاءِ سڄي سنڌ کي متحد ٿيڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.