ٺري ميرواھ ، لاکڙا ، سجاول ، دوڙ ۽ راڄوخاناڻي جون خبرون

ٺري ميرواه :تعلقا ايجوڪيشن آفيسر جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي

لاکڙا: ڳوٺ ڍيرڻ خان کوسو جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف ڌرڻو

سجاول :پيرسن جوڙي پاران نوجوان پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

دوڙ: آبپاشي ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ميڙاڪو

راڄوخاناڻي:غلام شاهه موري ۾بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

1

تعلقا ايجوڪيشن آفيسر قلب علي گوپانگ جي اڳواڻي ۾  تعلقه  ايجوڪيشن آفيس مان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ،ان موقعي تي ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي والدين کان مطالبو ڪيو ته پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن  ۾ داخل ڪرايو ۽ داخلا کي يقيني بڻايو،ريلي ۾ TEO ايجوڪيشن في ميل ميڊم زينب شر ٽي اي او سيڪنڊري فاطما شر ۽ سينئر ڪلارڪن علي خان شر ۽ غلام جعفر شر ۽ ٻين آفيس جي ننڍن وڏن ملازمن شرڪت ڪري والدين کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاء اپيل ڪئي ۽ ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ميڊيا وسيلي سڀني والدين کي اھو پيغام ڏيڻ ٿا چاھيون ته پنھنجن ٻارڙن کي وڌ ۾ وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو.

2

لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڳوٺ ڍيرڻ خان کوسو جي رهواسين پاران زمين تي قبضي ۽ فائرنگ ٿيڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن ڍيرڻ خان کوسو فريد کوسو شھڪ کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روپوش ڏوهاري رانجهو کوسو ويهي کوسو سان گڏ  لشڪران حيسب ،رمضان ۽ ٻين ديه ڊاڀڙي جي سروي نمبر زمين تي هلان ڪري ڪم ڪار بند ڪرائي سندن گهرن مٿان 24 ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪئي پر اطلاع باوجود پوليس نه پهتي جنهن سبب ڳوٺ ۾ خوف حراس ڦھليل آھي هنن وڌيڪ چيو ته زمين تي قبضي سبب سندن زمين مان نڪرندڙ ڪوئلي جي روزگار ۽ معاوضي تي هٿياربندن قبضو ڪري ڪمپني کان ڀتو وصول ڪري رهيا آھن ، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي .

3

سجاول ۾ ميرپوربٺورو واسي پيرسن جوڙي پاران 22 مهينا اڳ ميرپوربٺورو پوليس اسٽيشن ڀرسان مبينا طور قتل ٿيل نوجوان پٽ نويد چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول نوجوان نويد چانڊيو جي پيرسن پيءُ سلطان چانڊيو ۽ پيرسن  ماءُ مقتول نوجوان جي تصوير کڻي احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان پٽ نويد چانڊيو جي قتل کي 22 مهينا گذري وڃڻ باوجود پوليس پاران ڪيس داخل هجڻ باوجود اڃا تائين قاتلن جو پتو نه لڳايو ويو آهي ، هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته بيدري سان قتل ٿيل نوجوان پٽ نويد چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

4

دوڙ شھر جي ايريگشن ڪالوني ۾ آل سنڌ ايريگشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مختلف ڊويزنن جي سوين ملازمن مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو. جنهن ۾ صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو، جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ، حاجي شعيب بلر، عثمان ڏاهري، امام بخش سيال، فقير گدا حسين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تازو گهوٽڪي واري دوري تي پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري کي سن ڪوٽا، گروپ انشورنس ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ چارٽ آف ڊمانڊ پيش ڪيو جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ ۽ آبپاشي جي وزير کي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر سنڌ حڪومت توڙي ڪامورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٽال مٽول ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته جيڪڏھن حق گهرڻ سان نه مليا ته اسان مجبور ٿي رستن تي اينداسين ، هنن چيو ته مسئلن جي حل واري تحريڪ جو آغاز اسان نواب شاهه کان ڪنداسين.

5

غلام شاھ موري شهر ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف ھاء  اسڪول جي شاگردن ،استادن ۽ شھرين پاران احتجاجي ريلي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، خبر موجب تلھار تعلقي جي وڏي ڪاروباري شهر غلام شاھ موري ۾ واپڊا تلھار پاران ھٿڙادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو انھي ھٿڙادو لوڊشيڊنگ خلاف غلام شاھ موري ھائي اسڪول شاگردن شھرين سول سوسائٽي سياسي سماجي تنظيمن ۽استادن سميت سوين ماڻهن ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو، پريس ڪلب اڳيان مظاهرو  ڪندي ھائي اسڪول ھيڊ ماستر محمد جمن ھليو عبدالقادر چانڊيو احمد ڪنڀار ڪريم بخش رند  ۽ ٻين چيو ته سخت گرمي  ۾  لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾مبتلا ڪري مريض بڻائي ويو آهي،شاگرد گرمي سبب بيهوش ٿي رهيا آهن سمورن طبقن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، ھنن چتاءُ ڏنوته جيڪڏهن تلھار واپڊا لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته شھر۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي ۽ وڏي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.