جوهي جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، پوکيل فصل سڪي ويا، احتجاج

جوهي ( ن ع آ  ) سرسبز جوهي ويراني ۾ تبديل ٿي وئي، جوهي جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، جوهي مختلف  شاخن جي آبادگارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ميهر گاڏھي، گُلشير رند، ياسين جمالي،  قادر بخش لنڊ، صفر لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاج ڪيو،  ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته جوهي برانچ مان نڪرندڙ شاخن پٽوڙو،  پهوڙ، لاکا، دڙا،  ڇني، چينجاڻي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي ڪنگال بڻايو پيو وڃي، عدالتي حُڪم باوجود جوهي جي شاخن ۾ پاڻي ناهي پهتو، آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان منڍ جا کاتيدار جوهي برانچ اندر سرعام لفٽ مشينون هڻي ديده دليري سان پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جنهن سبب جوهي برانچ مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي اڻ لڀ هجڻ ڪري آبادگارن جا پوکيل ساريون، وونئڻ تيزي سان سُڪي سڙي رهيا آهن  ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت مال متاع به اڃ وگهي مري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ تي رينجرس مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.