سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي تي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب جوڙي سميت 3 زخمي

سکر (رپورٽ: شفيع محمدابڙو ) سکر واسي عبدالجبار ميراڻي ۽ لاڙڪاڻي واسي ناري سيما چانڊيو پسند جي پرڻي بعد تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي بعد واپس وڃي رهياهئا ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لانچ موڙ وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران پريمي جبار ميراڻي سندس پريمڪا سيما چانڊيو ۽ راهب ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي اي سيڪشن ايس ايڇ او ياسر کوسو واقعي واري هنڌ پهچي فوري طور تي زخمين کي سول استپال سکر منتقل ڪيو جتي پريمي جبار ميراڻي کي ٽي گوليون لڳڻ ڪري حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته پسند جي شادي ڪندڙ لاڙڪاڻي جي ناري سيما چانڊيو سکر واسي  نوجوان عبدالجبار ميراڻي حياتين کي خطري سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پهچي تحفظ لاء درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته  پسند جي شادي بعد مائٽ ڪاوڙجي پيا آهن ۽ کين ڪارو ڪاري قرار ڏيڻ بعد مارڻ چاهن ٿا جنهن سبب زندگين کي خطرو آهي تحفظ فراهم وڃي جنهن بعد سنڌ هائي ڪورٽ بئنچ سکر پوليس کي حڪم ڏيندي جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪئي جوڙي پاران عدالت احاطي ۾ ميڊيا اڳيان دانهيون ته پهريان به سيما جا مائٽ عدالت ۾ قتل لاءِ آيا هئا ۽ هاڻ به کين خدشو آهي جنهن بعد جوڙو واپس وڃي رهيو هو ته لانچ موڙ چوڪي جي حد ۾ هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ جوڙو سيما چانڊيو. عبدالجبار ميراڻي ۽ راهب زخمي ٿي پيا آهن جن کي اطلاع تي پوکيس پهچي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جوابدار واقعي واري هنڌ تان ڀڄي ويا آهن. رابطي تي ايس ايڇ او ياسر کوسو ٻڌايو ته جوابدار فرار ٿي وياآهن زخمين کي سول اسپتال داخل ڪرايو آهي جتي نوجوان جبار جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.