هوسڙي لڳ ڳوٺاڻن جو پوليس انچارج خلاف مظاهرو

ھوسڙي(ن ع آ) وسڙي  ڀرسان سيري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل شورو جي رھواسين پوليس پوسٽ ڪيٽل ڪانوني انچارج اي ايس آئي عرفان دستي خلاف سخت احتجاج ڪيو.احتجاج جي اڳواڻي ڪندي منور حسين بروھي.عثمان مڱڻھار.شعيب مڱڻھار ۽ اڪرم شورو صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته پوليس پوسٽ ڪيٽل ڪالوني انچارج عرفان دستي بغير وردي جي پرائيويٽ ماڻھون گڏ کڻي منشيات جي بھاني عزتدار ۽ شھريف ڳوٺاڻن کي بنا جواز حراسان ڪري رھيو آھي.ھنن چيو ته پورھيت شعيب مڱڻھار جي گھر ۾ چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پامال ڪندي بغير وردي جي سندس وانٺن سان گڏ زبردستي گھڙي تلاشي ورتي ۽ گھر ڀاتين کي حراسان ڪيو آھي.ھنن چيو ته مزدور . پورھيت ۽ شريف ڳوٺاڻن کي روڪي گٿا الفاظ ٿوڳالھائي ۽ پيسن جي گھر ٿو ڪري.ھنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس حيدرآباد يت   آئي جي سنڌ کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته اھڙي بدمست آفيسر کي فوري سسپينڊ ڪري علائقي واسين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.