غوثپور پوليس جي 2 ڄڻا اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ

غوثپور (ن ع آ )غوثپور پوليس ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي بلوچستان جي علائقي جعفر آباد جي رھواسي ٻن ڄڻن جاويد ۽ فراز احمد لکڻ کي  مبينه اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ ٻنھي ڄڻن کي دوکي سان عورتاڻي آواز ۾ گھرائي ڏوھارين اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو۔ پوليس جي دعوا۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب  ايس ايڇ او غوٽپور خليل احمد رند ميڊيا وارن کي ٻڌايو آھي ته بلوچستان جي علائقي جعفر آباد جي رھائشي ٻن سوٽن فراز احمد ۽ جاويد احمد لکڻ کي ڪچي ۾ رھندڙ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي دوکي سان گھرائي ساڻن شادي ڪرڻ جو آسرو ڏيئي ھت گھرايو ھيو جن کي ڪشمور پوليس ٽيليفون جي ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريسنگ ڪري ڪچي ۾ ھيٺ لھڻ کان ٿڏي تي روڪي ورتو ۽ کين راجه لاڙي ڀرسان کنڀي ورتو۔ اغوا کان بچي ويل ٻنھي ڄڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته صنم نالي عورت ساڻن ڪيتري عرصي کان رابطي ۾ھئي جنھن سان عشق ٿي ويو ۽ ھاڻي کيس ڏسڻ لا۽ وڃون پيا ته غوثپور پوليس روڪي ورتو ۽ اغوا ٿيڻ کان بچايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.