منهڙي لڳ اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن ۾ ڀاڄ، 4 ڄڻا زخمي

منهڙو (ن ع آ) منهڙو ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان جمالي ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول محمد رمضان جمالي جي اسڪول جي ڇت جا چاپڙ اچانڪ شاگردن مٿان ڪري پيا جنهن سبب چار شاگرد جن ۾ عاجز جمالي, فرحان  جمالي, عدنان لغاري ۽ محمد علي جمالي رتورت ٿي ويا جن کي فوري طور مقامي اسپتال ڇٽو خان جمالي آندو ويو جتي سندن علاج ڪيو ويو  اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن ۾ دانهون پئجي ويون جڏهن ته ٻارڙن ۾ خوف پکڙجي ويو.  هتان جي رهواسين شاگردن جي والدين تعليم جي صوبائي وزير کي پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ محمد رمضان جمالي جي پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال آهي مهرباني ڪري بلڊنگ جو مرمتي ڪم ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.