نئين دمبالي ڀرسان شادي شده عورت مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

نئون دمبالو ( رپورٽ: ھورسنگهه ڪي ڪي) نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ ڪرڙ پنھور ۾ ڀيل برادري جي 20 ورهين  شادي شده  عورت ست ٻائي  ڀيل کي مٺو ڀيل ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن خلاف ڀيل برادري اغوا ٿيندڙ ناري ست ٻائي جي وارثن سندس ماءُ، پيءُ ۽ مڙس ڦوٽو ڀيل ۽ سندس چاچو مصري ڀيل جي اڳواڻي  ۾ معصوم ٻارن عورتن سميت احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي شادي شده ست ٻائي زال ڦوٽو ڀيل کي رات جو دير سان مٺو ڀيل ۽ سندس ساٿي گھر ۾ گهڙي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو آهي، جيڪو ڏيئي ويجهو پيرزادا فارم جو رهواسي آهي، اسان ڏيئي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي جنهن جا اتي جي پوليس انچارج منصور ٿيٻو اسان کان 30 ھزار رشوت پڻ ورتي آهي. ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وزيراعلي’ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اغوا ڪيل نياڻي واپس ڪرائي اغوا ڪندڙ ۽ ان جي مدد ڪندڙ ڏيئي پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان گھر جا سڀئي ڀاتي احتجاجن پنهنجو پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.