ميرپورخاص: کيراهو شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پاڻي جي هٿرادو کوٽ  خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو نعريبازي، تفصيل موجب آبپاشي کاتي ميرپورخاص جي سب  جمڙائو سب ڊويزن مان نڪرندڙ کيراهو شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران جمڙائو ڊويزن جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڊائريڪٽر نار اڪئنال ۽ ايڪسيئن جمڙائو ڪئنال خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن مهر علي لاشاري اڪبر ناريجو عبدالستار خاصخيلي جان محمد جوڻيجو چيو ته نارا ڪئنال ۾پاڻي هجڻ جي باوجود اسان جي کيراهو شاخ جي پوڇڙي  جي آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيووڃي ڪئنال ۾ پاڻي جي موجود هجڻ جي باوجود آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن هٿ وٺي اسان جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري رکي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.