آمريڪا افغانستان جي حوالي سان پنهنجي غلطين تي غور ڪري: چين

بيجنگ (اي پي پي)چين چيو آهي ته آمريڪا کي   افغانستان جي حوالي سان پنهنجي غلطين تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ افغانستان مان  هنگامي طور تي نڪرڻ جي ذميوار پاڙيسري ملڪن کي قرار ڏيڻ بدران ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ نئين سر تعمير لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي،ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس جي ترجمان پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته چين ۽ روس کان وڌيڪ ڪو به نٿو چاهي ته آمريڪا افغانستان ۾ رهي ڇاڪاڻ ته ان سان آمريڪا جي وسيلن ۾ گهٽتائي ايندي.

ملڪ ۾ ڪورونا  سبب وڌيڪ 98 مريض فوت،  3316  نوان ڪيس

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران وائرس وگهي وڌيڪ 98 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 3 هزار 316 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو کان مٿي رهي . سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 26 هزار 330 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 11 لک 86 هزار 234 تائين پهچي ويا آهن. 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3هزار 270 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو مجموعي انگ 10 لک 67 هزار 589 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 92 هزاز 315 آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.