پي ٽي آءِ لاءِ شرمندگي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين رد

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت اهم رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن اِي وي ايم تي خدشن تي تفصيلي رپورٽ سينيٽ جي موجوده ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي 37 اعتراض اٿاريا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ وڏي پيماني تي اِي وي ايم جي استعمال لاءِ وقت تمام ٿورو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي بيلث پيپر جي مناسبت سان رازداري نه رهندي جڏهن ته ووٽر جي سڃاڻ گمنام نه رهندي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر ڏسي نٿو سگهجي جڏهن ته اِي وي ايم جي استعمال سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ 150 ارب رپين تائين ايندو ۽ وڏي رقم خرچ ڪرڻ جي باوجود اليڪشن جي شفافيت ۽ ساک مشڪوڪ بڻجي رهي آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اِي وي ايم ڪنهن جي ماتحت رهندي، ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي ته مشين کي هيڪ به ڪري سگهجي ٿو.

اهو ٻڌايو ويو آهي ته بليڪ باڪس ۾ شفافيت تي سوال اٿڻ سان گڏوگڏ هر جڳهه تي مشين جي استعمال جي صلاحيت تي سوال اٿي سگهي ٿو جڏهن ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي نٿي روڪي سگهي.

اليڪشن ڪميشن موجب گهڻين مشينن سان هڪ ڏينهن ۾ چونڊ ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو

۽ مشينن جي ڪنهن به سبب جي ڪري مرمت اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي جڏهن ته ووٽر جي تعليم ۽ ٽيڪنالاجي به رڪاوٽ بڻبي.

ٻڌايو ويو آهي ته اِي وي ايم تي اسٽيڪ هولڊر وچ ۾ اتفاق راءِ ناهي جڏهن ته ميڊيا، اين جي اوز، سول سوسائٽي کي به بي اعتمادي ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ ۾ اعتراض واريندي چيو ويو آهي ته اهم وقت تي عدالتي حڪم سان بيلٽ ۾ تبديلي اچي ويندي آهي ان وقت ڏکيائي پيش ايندي جڏهن ته اِي وي ايم جي ڪري نتيجن ۾ به دير ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.