ميرپورخاص ، گھوٽڪي ،ڪنڊيارو ، غوثپور ۽ راڄوخاناڻي جون خبرون

ميرپورخاص: ايس يو پي پاران بحريا ٽائون سميت سنڌ جي  زمينن تي والار خلاف مظاهرو

گهوٽڪي : قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 ڏوهارين کي ڦاهي، عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪنڊيارو: اي پي سي  پاران سرڪاري ملڪيتن تي قبضن،وڪري ۽ حددخلين خلاف ريلي

غوثپور :عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل 2 ڄڻن کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

راڄوخاناڻي: ڳوٺ حاجن ڪوري جو 13سالن کان ھلندڙ  اسڪول بند ٿيڻ خلاف مظاهرو

1

سڄي سنڌ وانگر ميرپورخاص ۾ ايس يو پي پاران بحريا ٽائون سميت سنڌ جي  زمينن جي  والار،  ضمير جي قيدي سيد زين شاھ جو ڪيس نه هلائڻ خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سياسي سماجي ڌرين سگا جي تاج رند ، جسم اڳواڻ عابد ڪوري , صالح ڪوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي , مظاهري کي خطاب ڪندي منظور ميمڻ , لالا اظھر پٺاڻ  محمد خان مري واجد لغاري مراد شر چيو پ پ حڪومت ملڪ رياض سان ملي سنڌ جي زمينن جي والار ڪري رهي آھي , بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪرڻ تي سڄي سنڌ ۾ رڻ ٻاري گرفتاريون ڪيو ويون آھن  جنهن مان پ پ حڪومت جي بدنيتي ظاهر پئي ٿئي ، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قومي قيادت تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ سائين زين شاھ کي ترت آزاد ڪيو وڃي.

2

گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن ڏوهارين کي ڦاهي ، عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، گهوٽڪي جي  ماڊل ڪورٽ جي جج طارق حسين ڀٽي 2019 ۾ جهانپور شريف ۾ قتل ٿيل پرويز ملهڻ جي قتل جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو , ماڊل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالرحمان ملهڻ کي ڦاهي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته ٻئي جوابدار فهد ملهڻ کي پڻ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي , جڏهن ته هڪ جوابدار عبدالجبار کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو , ياد رهي ته سزا آيل جوابدارن 2019 ۾ پرويز ملهڻ کي قتل ڪيو هو .

3

ڪنڊيارو ۾ آل پارٽيز الائينس ۾ شامل ايس ٽي پي، جسقم، پي پي شهيد ڀٽو ۽ پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  پاران پراڻي ٽائون ڪميٽي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي .ريلي جي اڳواڻي ظفر کوسو،  واجدعباسي، هارون ڪلهوڙو ۽ ذوالفقار ملاح ڪري رهيا هئا.مظاهرين ڪنڊيارو ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضن ۽ حددخلين،ٽائون آفيسر،اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار خلاف سخت نعري بازي ڪندا پهريائين مختيارڪار آفيس ۽ بعد ۾ اي سي آفيس ٻاهران پهتا جتي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ان موقعي  تي اڳواڻن الزام لڳائيندي چيو ته ڪنڊيارو ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا،روڊن ۽ بازارن ۾ حددخلين سبب ڪنڊيارو شهر جي سونهن اجڙي وئي آهي، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته ملوث عملدارن خلاف جاچ ۽ ڪارروائي ڪري سرڪاري ملڪيتن تان قبضا ختم ڪري ۽ حددخليون هٽايون وڃن ٻي صورت ۾ روزانو بنياد تي احتجاج جاري رکيو ويندو.

4

غوثپور پوليس ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي بلوچستان جي علائقي جعفر آباد جي رھواسي ٻن ڄڻن جاويد ۽ فراز احمد لکڻ کي مبينه اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ ٻنھي ڄڻن کي دوکي سان عورتاڻي آواز ۾ گھرائي  اغوا جو منصوبو جوڙيو ويو هو ،  ايس ايڇ او خليل احمد رند موجب بلوچستان جي علائقي جعفر آباد جي رھائشي ٻن سوٽن فراز احمد ۽ جاويد احمد لکڻ کي ڪچي ۾ رھندڙ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي دوکي سان گھرايو جن کي ڪشمور پوليس ٽريسنگ ڪري ڪچي ۾ ھيٺ لھڻ کان ٿڏي تي روڪي ورتو ۽ کين راجه لاڙي ڀرسان کنڀي ورتو،  اغوا کان بچي ويل ٻنھي ڄڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته صنم نالي عورت ساڻن ڪيتري عرصي کان رابطي ۾هئي جنهن کين هتي گهرايو ۽ پوليس بچائي ورتو

5

راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ حاجن ڪوري جو تيرنهن سالن کان ھلندڙ B E C S اسڪول بند ٿيڻ خلاف ٻارڙن پاران احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو ، ڳوٺ جي معصوم ٻارڙن پاران اسڪول جي بندش خلاف مظاهرو ڪندي چيو ويو ته  سندن ڳوٺ جو اسڪول بند ڪري ٻئي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري انهن جي تعليم رلي وئي آهي ،   ٻارڙن سنڌ جي وڏي وزير ، تعليم کاتي جي وزير ، ڊي اي او ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي انهن جي ڳوٺ ۾ هلندڙ اسڪول انهن کي واپس ڪرايو وڃي ته جيئن انهن جي اڻ مڪمل تعليم مڪمل ٿي سگهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.