داعش سان لاڳاپن جي شڪ ۾ ٻه عورتون گرفتار

 

اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) سوئيڊن ۾ ٻن عورتن کي دهشتگرد تنظيم داعش سان لاڳاپن جي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.

سوئيڊن جي پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهي عورتون شام مان واپس آيون آهن.

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته انهن مان هڪ عورت کان جنگي ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

مقامي پوليس موجب انهن عورتن کي اسٽاڪ هوم پهچڻ تي هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ عورت کي پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڇڏيو ويو.

پبلڪ پراسيڪيوٽر رينا ديوگن جو چوڻ هو ته عالمي قانون سوئيڊن کي جنگي ڏوهن، نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جهڙن معاملن ۾ ملوث ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جو پابند بڻائن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.