لٺ ڊيم جون پاڻي سعدي ٽائون ۽ ڀرپاسي مان گذرندو آهي: ڄام خان شورو

ملير (ڊ.ر) صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو ملير ۾ لٺ ڊيم ۽ ٿدو ڊيمن جو دورو ڪري پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو، دوري دوران صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي مسئلا حل ڪرڻ جون سخت ھدايتون جاري ڪيون، ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لٺ ۽ ٿدي ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڀرپاسي جي آبادين کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ ڏکيائن جي بهتر حل لاءِ لوڪل گورنمينٽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان رابطي ۾ رھندي گڏجاڻيون ڪوٺايون وڃن ته جيئن سعدي ٽائون سميت ڀرپاسي جي آبادين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل کي فوري يقيني بڻائي سگهجي، هن چيو ته لٺ ڊيم جو پاڻي ملير ندي ۾ وڃڻ کان پھرين سعدي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي آبادين مان گذرندو آھي جنهن سبب ڄاڻايل آباديون متاثر ٿينديون آهن ان ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي سخت ھدايت ڪئي وئي آهي ته لٺ ڊيم ۽ ٿدو ڊيم تي سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پنھنجا انتظام مڪمل ڪن، ان کان اڳ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن صوبائي ڄام خان شورو کي ڊيمن ۾ پاڻي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.